تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

هٿ آرسي … نديم بوزدار

هيءَ ايفراڊيٽ ٿي لڳي، ڀر واري درگا آهي شايد ۽ سندس ڀر ۾ ميري ۽ سندس ڀر ۾ ويٺل ٻه ٻيون ڪير ٿي سگهن ٿيون.پر جن کي آئون سڃاڻي ويٺي آهيان سي به اُهي ئي آهن يا ڀُلي آهيان. فرياد کڻي آيل عورت سوچيو.
ويٺل مهان عورتن پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي کيس ڏٺو، هڪ پڇيو؛ توکي اسان جو ڏس ڪنهن ڏنو؟ تاريخ ۽ ڌرم جي ڪتابن، فريادڻ هٿ ٻڌندي چيو، پر دنيا جا فيصلا ڪرڻ لاءِ اسان هت نه گڏبيون آهيون. هيٺ ڌرتيءَ تي عدالتون ختم ٿي ويون آهن ڇا؟ هڪ ٻي مهان خاتون ڳالهايو. دنيا جون عدالتون منهنجي جوابدارن جي قبضي ۾ آهن، منصف اهي ئي آهن جن جي ڏکويل آهيان، مونکي هاڻ توهان کان سواءِ انصاف جي اميد ڪانهي، انصاف نٿيون ڪري سگهو ته اسان سڀني کي پاڻ وٽ گهرائي وٺو، دنيا مردن جي حوالي ڪري ڇڏيو، توهان کي اهڙي سگهھ مليل آهي، اهو مونکي ڌرمن ۽ اتهاس ٻڌايو آهي. فريادڻ هڪ مهان عورت جا پير پڪڙي ورتا، سڀ مهان عورتون هڪ ٻئي کي ڏسڻ لڳيون، ميريءَ پنهنجي پوتيءَ جي پلئه سان فريادڻ جا ڳوڙها اگھيا ۽ پاڻ به ڪنهن وڏي ڏک کي سنڀاري ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، فريادڻ جنهن کي درگا سمجهيو هو تنهن ڪنڌ جهڪايل ميريءَ کي آٿت ڏني ۽ فريادڻ کي مخاطب ٿي پڇيو؛ توکي انصاف ٿو گهرجي؟ جي مهان هستي، فريادڻ ليلائيندي چيو، مهان عورت ڪو منتر پڙهيو ۽ پنهنجو هٿ آرسيءَ وانگر فريادڻ جي سامهون ڪندي چيو؛ هن ۾ ڏس تنهنجا دشمن ڪير آهن؟ فريادڻ سحر زدهه ٿي هٿ آرسيءَ کي ڏسڻ لڳي. هٿ، منتر جي زور تي ريڊيم لڳل ڪنهن ڌاتوءَ جيان چمڪيو. فريادڻ ٽڪ ٻڌي هٿ کي ڏسندي رهي، هٿ آرسيءَ تي هڪ اڻ چتو چهرو اڀريو ۽ پوءِ اهو واضح ٿيو،
هي ته منهنجو پٽ آهي، فريادڻ پنهنجو پٽ سڃاتو ۽ کيس اهو منظر به هٿ آرسيءَ تي نظر آيو، پٽ کيس چيو پئي؛
امان! خوار ڪري ماريو اٿئي. ٻڌاءِ علو ٻروچ سان ڪهڙو منهن ڪارو اٿئي؟هوٽل تي اڄ به مونکي طعنو مليو آهي.ابا! هي ڇا پيو چوين، علو ويچارو تنهنجي مرحوم پيءُ جو دوست ۽ ڏکن سکن جو ساٿي هو، منهنجي ته ڀائرن جھڙو آهي، ڀائرن جھڙو آهي پر ڀاءَ ته ڪونهي نه، تنهنجو يار آهي، چئو ها. ان مهل پٽس جي فون جي گهنٽي وڳي، پٽس ڳالهائيندي چيو؛ ها دلبر اچان پيو، آيس ئي پئي ته هڪڙي خنزير طعنو ڏنو سو امان کان سندس افعال پيو پڇان…… ڇا…. هان!! ٺيڪ آهي اچان پيو، پٽ فون بند ڪندي ماءُ کي چيو؛ انجام تان ٿي اچان ٿو، توکي معاف نه ڪندس، پٽ هليو ويو، هٿ آرسي تي وري ريڊيم جهڙو سهائو آيو، مها عورت پڇيو؛ هي آهي تنهنجو دشمن جنهن مان توکي جان جو خطرو آهي ، کيس ڀسم ٿي ڪريان. نه نه، ڌڻيءَ جي واسطي نه.. هي منهنجو پٽ آهي، مون پورهيا ڪري پاليو آهي… هن کي معاف ڪريو… مونکي ماري ته مر ماري، اوهان هن کي نه ماريو.. هيءَ جهولي ٿي جھليان. مهان عورت وري ڪجهه پڙهيو، هٿ آرسيءَ تي وري ڪو عڪس آيو، عڪس چٽو ٿيو ، هي سندس ڀاءَ گلو هو. فريادڻ جي اڳيان منطر ڦري آيو؛ ادي سڀائي! بابا جي نالي تي چار جريب زمين آهي ، بابا ويو گذاري، هاڻ تون هن تي آڱوٺو هڻي ڏي ته زمين مون گلوءَ کي ڏني. فريادڻ انڪار ڪيو، پوءِ گلو کيس ڏاڍي مار ڏني ۽ سندس آڱوٺو مس مان ٻوڙي، دستاويز تي هڻي ويو هليو. مهان عورتن به هي عڪس ڏٺو پئي سندس چهرن تي ڪاوڙ جو تاثر هو. هٿ تريءَ تي شاديءَ جو عڪس آيو، گلو گهوٽ بڻيو ويٺو هو، فريادڻ ڳيچ پئي ڳايا جهمر هنئي، ٽهڪ ڏنا.فريادڻ جي چهري تي خوشيءَ جو تاثر آيو. مها عورت چيو؛ هي آهي تنهنجو دشمن جنهن تنهنجي وراثت کاڌي آهي، کيس ساڙي رک ٿي ڪريان. نه نه.. ايئن نه ڪجو، زندگيءَ ۾ آئون ايترو خوش ڪڏهن نه ٿي هئس جيترو گلوءَ جي شادي تي ٿي هئس، ان هڪڙي خوشيءَ جو ملھ سندس ڪيل بي واجبين کان مٿي آهي ، کيس معاف ڪريو. مهان عورتن هڪٻئي ڏي ڏٺو، هن وري ڪجهه پڙهيو؛ هڪ منظر آيو، فريادڻ ڪنوار بڻي ويٺي آهي ۽ سندس گهوٽ ڪهاڙي هٿ ۾ کڻي سيڄ تي ويهي ٿو، اڳ ڪڏهن نه ڏٺل هي گهوٽ کيس پهريون جملو ٿو چوي؛ جيڪڏهن ڪنواري نه نڪتين ته سر ڌڙ کان ڌار هوندئي. فريادڻ کي ته اها خبر به نه هئي ته هو کيس ڇا پيو چوي، کيس ته ڪا سمجھ ئي نه هئي، پر هوءَ ان رات قتل نه ٿي ۽ پوءِ سندس مڙس جو رويو روز کيس قتل ڪندو رهيو، پوءِ هڪ ڏينهن پرائي ڀت ٽپندي سندس مڙس قتل ٿي ويو. هن شخص توکي ڏاڍا ڏک ڏنا، مري ويو آهي ته به اسان کيس هتي حاضر ڪري سزا ڏئي سگهون ٿيون ، چئو؟ مهان عورت چيو، فريادڻ هٿ ٻڌا؛ نه نه، کيس سزا ملي چڪي، هاڻ وري جيئرو ڪري کيس سزا نه ڏيو ،ايئن چئي فريادڻ اٿي، ڪيڏانهن؟ توکي انصاف نه گهرجي؟ مهان عورتن مان ڪنهن پڇيو. نه.. مون سان جيڪو به انصاف ٿيو سو به مون سان ئي هڪ وڌيڪ ظلم هوندو، مونکي معاف ڪريو ، مون اوهان کي تڪليف ڏني. فريادڻ هلي ويئي .
هوڏانهن گهر ۾ ماءُ کي نه ڏسي پٽ جو شڪ يقين ۾ بدلجي چڪو هو ته هو علو ٻروچ سان سائو منهن ڪرڻ وئي آهي، هُو ڪهاڙيءَ جو پنو تکو ڪندو ڪاري ماءُ جو انتظار ڪرڻ لڳو، جنهن کانپوءِ ڏنڊ طور هو علوءَ جي ڌيءَ سان ضرور پرڻبو، سردار کيس اهڙي خاطري ڪرائي هئي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *