هٿ ٿا ٻڌون اسان جي بابا کي ڇڏيو وڃي: مغوي جي ٻارڙن جي اپيل

آگسٽ 17, 2023

ڪنڊيارو (ن پ ا) عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿي ويل ڪنڊيارو جي ڳوٺ حامد اڄڻ واسي نوجوان فرحان اڄڻ بازياب نه ٿي سگهيو

 وارثن کان 50 لک ڀنگ طلب ڪئي وئي اهي، ٻي طرف مغوي جي وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

نوجوان جي امڙ چيو ته مونکي منهنجو پٽ موٽائي ڏنو وڃي، غريب آهيون، ڀنگ نه ڀري سگهنداسين،  جڏهن ته اغوا ٿي ويل نوجوان جا معصوم ٻچا ڌاڙيلن کي هٿ ٻڌي چوندا رهيا ته سندن والد کي ڇڏيو وڃي.

Leave A Comment