گھارو (ن پ ا) سنڌ جو نوجوان قمر شهباز جتوئي کي ھڏين جي بيماري تي ريسرچ ڪرڻ تي دنيا ۾ ٻيو نمبر ريسرچ سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو ۽ گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪري تعريفي سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو
گھارو جي رھواسي قمر شهباز جتوئي کي ھڏين جي بيماري تي ريسرچ ڪرڻ تي دبئي ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ ھڏين جي بيماري جي حوالي سان ريسرچ کي دنيا ۾ ٻيو نمبر تسليم ڪيو ويو ، کيس دبئي ۾ ٿيل عالمي ڪانفرنس ۾ مڃتا سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو ويو
نوجوان کي ستارا پاڪستان جي ايوارڊ سان نوازيو ويو هو، اڄ گنيز آف ورلڊ رڪارڊ ۾ شامل ڪري کيس تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ جاري ڪيو ويو
ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي حوصلا افزائي ۽ وڌيڪ پڙهائي لاءِ حڪومت کي جوڳا اپاءَ وٺڻ گهرجن