| هڪ ئي معاملي تي سول ۽ ڪرمنل ڪيس نٿا هلائي سگهجن: آئيني عدالت |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت هڪ اهم فيصلي ۾ قرار ڏنو آهي ته هڪ ئي معاملي بابت سول ۽ ڪرمنل ڪارروائي هڪ ئي وقت اڳتي نٿي هلي سگهي. جسٽس علي باقر نجفي 11 صفحن تي مشتمل فيصلو لکيو آهي. آئيني عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته سول ۽ فوجداري ڪارروائي ۾ متضاد فيصلن سبب انصاف متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. جيڪڏهن ملڪيت جو تڪرار سول عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هجي ته ڪرمنل ڪورٽ کي سول عدالت جي فيصلي جو انتظار ڪرڻ گهرجي. تڪراري دستاويزن جي اصليت بابت فيصلو سول عدالت ڪندي، آئيني عدالت چيو آهي ته تڪراري سرٽيفڪيٽن جي تصديق ٿيڻ کان اڳ درخواستگذارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري سگهجي. سول عدالت جي فيصلي کان پوءِ ئي فوجداري يا انتظامي ڪارروائي شروع ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن سول ۽ فوجداري ڪيس هڪ ئي معاملي سان گهرو تعلق رکن ٿا ته فوجداري ڪارروائي روڪڻ جي گنجائش موجود آهي. آئيني عدالت قرار ڏنو ته بدنصيبي سان داخل ڪيل سول ڪيس کي فوجداري ڪارروائي روڪڻ جو بنياد نٿو بڻائي سگهجي.