تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

هڪ اديب هڪ آئيڊيل زندگي جو تصور پيش ڪري ٿو … پون ڪمار منڌاڻ

اديب جو بنيادي موضوع انسان آهي، شاعر يا اديب جيڪا ڳالهه چوي ٿو اها انسان ۽ انساني زندگي سان ڳنڍيل هوندي آهي، اديب اسان کي انسانيت جو بلند مقام ڏيکاري ٿو ۽ ان مقام کي حاصل ڪرڻ لاءِ مدد ڪري ٿو، ڪٿي نصيحت سان، ڪٿي ڪاوڙ منجهان ڪٿي طنز ذريعي پر مقصد رڳو اصلاح هوندي آهي، اديب اسان کي هڪ انسان سان ملائيندون آهي ۽ ان سان اسان جي سڃاڻپ ڪرائي ٿو جيڪڏهن اسان داستانن يا افسانوي ادب جو مطالعو ڪريون ته معلوم ٿيندو ته انهن ڪهاڻين ۾ انسان، انساني طاقت ۽ عظمت کي نمايان ڪيو ويو آهي. دنيا ۾ دولت ۽ طاقت جي پوڄا ٿيندي آهي ۽ انسان جيڪو انهن کان وڌيڪ قيمتي آهي ان کي گهٽ ڪيو وڃي ٿو، انساني قدرن کي لتاڙيو وڃي ٿو، انسانيت جو رشتو اهو رشتو آهي جيڪو سڀ کان مضبوط ۽ دائمي آهي پر انسان ان جي حسن کان واقف ڪونهي هو انهن غير حقيقي چهرن تي مرندو آهي جيڪي هن کي ڪجهه به نٿا ڏيئي سگهن. ادب اسان کي انسانيت ۽ انساني رشتن جي حسن کان واقف ڪرائي ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته اسان شعور جا مالڪ ٿي ڪري به غلط طرف ڏانهن وڃون پيا.
ادب انسانيت ۽ انساني رشتن جي ڳالهه ڪئي، اها انسانيت جيڪا ڪنهن به قسم جي حدن جي پابندين کان آزاد آهي، تنهنڪري ان کي ڪنهن منشور جي ضرورت ڪونهي، سموري دنيا جا انسان هڪ انسانيت جي رشتي ۾ ٻڌل آهن پر هي ڳالهه ڏاڍي ڏک جهڙي آهي ته سموري دنيا ۾ انسان ئي سڀ کان وڌيڪ بي قيمت ٿي ويو آهي، مادهه پرستي تي زور آهي، انسان ئي ٻئي انسان سان طاقت ۽ دولت جي ٽيڪ تي جنگ ڪري ٿو ۽ انسانيت کي پرزا پرزا ڪري ٿو، ادب اهڙن سماجي روين جي مخالفت ڪري ٿو ۽ انسان دوستي جو نعرو لڳائي ٿو، هر دور ۾ ادب اسان کي احساس کان خالي نه ملندو. هڪ شاعر ۽ اديب هڪ آئيڊيل زندگي جو تصور پيش ڪري ٿو ۽ ان کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ انهن اصولن کي پيش ڪري ٿو جن کي اختيار ڪري اسان ان آئيڊيل زندگي کي حاصل ڪري سگهون ٿا، هڪ انسان جي ڇا قدر قيمت آهي ۽ احساس ڪيترا قيمتي آهن جذبن جي ڪهڙي اهميت آهي ادب ان جو اسان کي احساس ڏياريو آهي، انسانيت ۽ حيوانيت جو فرق ٻڌايو آهي انساني عظمت ۽ چڱائي ۽ برائي جي تصور سان پنهنجي لکڻين کي سينگاريو آهي، اهڙي طرح هر دور ۾ ادب ترقي پسند نظراچي ٿو هر دور ۾ اديبن انسان کي انسان کان واقف ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي انسان جي سربلندي ۽ عزت کي بيان ڪيو آهي جديد دور ۽ نئين شعور هيٺ انسانيت جي ڳالهه اديبن ئي ڪئي آهي هر اديب ۽ شاعر زندگي جو فلسفو ۽ انسانيت جي سمجهاڻي پنهنجي انداز ۾ ڪئي آهي.
انسان دوستي هڪ وسيع موضوع آهي، دنيا جي هرادب ۾ انساني قدر لتاڙڻ خلاف لکتون ملنديون، انسان جي بلندي ۽ عزت بيان ٿيل هوندي، انساني جذبن ۽ احساسن جي حڪمراني ملندي. سڀني اديبن وٽ انساني قدرن کي پنهنجو ڪرڻ، انسانيت ۽ امن دوستي جا اشارا وڏي خوبي سان ملندا. هڪ اديب کي جتي به انساني قدرن جي بي عزتي نظر اچي ٿي هو ان جي خلاف آواز اٿاري ٿو جتي به انسانيت کي لتاڙيو ويو، ڪچليو ويو ان تي سموري دنيا جا اديب رڙ ڪري اٿيا، سڀ اديب ادب سان لاڳاپيل هجڻ جي رشتي جي ڪري هڪ ئي ڌاڳي ۾ ٻڌل نظراچن ٿا ۽ اهو رشتو انسانيت جو آهي جيڪو دائمي آهي، دنيا جو هر اديب انسان جي آزادي جو قائل آهي پر جڏهن انسانن کي پابند ڪيو وڃي ٿو انهن کي قيد ڪيو وڃي ٿو سوچ ۽ لکڻ تي پهرا لڳايا وڃن ٿا ته هو ان کي برداشت نٿا ڪن. ادب جو مسلڪ انسانيت آهي ۽ امن آشتي جو پيغام آهي، ادب ڪنهن حد يا قيد کي نٿو مڃي ۽ سماج جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجو ڪم ڪندو وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته اهوئي مقصد حيات آهي ۽ اهوئي ادب جو مقام آهي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *