هڪ ارب جي لاٽري کٽڻ پيرسن لاءِ عذاب بڻجي ويو

هڪ ارب جي لاٽري کٽڻ پيرسن لاءِ عذاب بڻجي ويو

ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) هڪ ارب جي لاٽري کٽڻ پيرسن لاءِ  عذاب بڻجي وئي . پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب جاپان ۾ 66 ورهين جي ايس نالي شهري جو لاٽري ۾ هڪ ارب رپيا(60 ڪروڙ ين) انعام نڪتو.  ان لاءِ ايڏو وڏو انعام نڪرڻ حيرت ۾ وجهندڙ هو شهري انعامي رقم زال کان ڳجهي رکڻ ۽ عيش واري زندگي گذارڻ جو فيصلو ڪيو ڇاڪاڻ ته سندس زال ڪفايت شعار هئي کيس ٻاهر جون شيون کائڻ ۽ فضول خرچ ڪرڻ کان روڪيندي هئي، پيرسن عيش واري زندگي گذارڻ شروع ڪئي۽ 6 مهينن ۾ هڪ ڪروڙ 80 لک خرچ ڪري ڇڏيا، ان دوران هن  هڪ لگزري گاڏي خريد ڪئي، مختلف هوٽلن ۾ وقت گذاريو، سموري جاپان جو سفر پڻ ڪيو، شڪ کان بچڻ لاءِ  لگزري گاڏي زال کان لڪائيندو رهيو گاڏي کي لڪائڻ لاءِ هن زير زمين پارڪنگ بڪ ڪرائي جڏهن ته گهر وڃڻ وقت پراڻا ڪپڙا پائي ڇڏيندو هو ، اڪيلي ڳجهي عيش واري زندگي گذارڻ بعد  پڇتاءُ  ٿيڻ سب پيرسن  ذهني مريض بڻجي ويو  ۽ نفسيات جي ماهرن کان علاج پڻ ڪرايو  بعد ۾ هن زال ۽ ٻارن لاءِ  50 ڪروڙ ين جي انشورنس پاليسي ڪرائي ڇڏي. ان حوالي سان پيرسن ايس جو چوڻ هو ته جيڪڏهن کيس اها رقم محنت سان ملي ها ته کيس فخر هجي ها پر محنت بدران اوچتو مليل وڏي رقم زندگي کي زهر بڻائي ڇڏيو.