| هڪ امير ٻار ٻين غريب ٻارن کي کيڏڻ جي دعوت ڏئي ٿو: شعيب اختر جو ڀارتي ٽيم تي طنز |
لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر جي ڀارتي ٽيم خلاف مذاق سوشل ميڊيا تي نئين بحث کي جنم ڏئي ڇڏيو،ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي ڪاميابي تي تبصرو ڪندي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو ته ڀارت پاڙي جي امير ٻار وانگر آهي جيڪو غريب ٻارن کي کيڏڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ چوي ٿو ته ميچ فقط آئون ئي کٽيندس.ڀارت اسان سان ڪجهه اهڙو ئي ڪري رهيو آهي، اهي 8 مان 4 ٽيمون رکن ٿا، پوءِ انهن مان 3 کي اڳتي ڪن ٿا ۽ آخر ۾ چون ٿا ڏسو اسين کٽي وياسين ، انهن ڪرڪيٽ کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.سندس بيان تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل اچي رهيا آهن، ڪجهه مداح سندس موقف سان متفق ٿيا،جن چيو ته عالمي ڪرڪيٽ ۾ طاقت جو توازن واقعي هڪ مسئلو آهي، جڏهن ته ٻين مداحن ڀارت جي ڪارڪردگي جو دفاع ڪيو .هن ٽورنامينٽ دوران ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ گهڻا ميچ کيڏيا، جڏهن ته صرف هڪ ميچ سريلنڪا ۾ گڏيل طور تي منعقد ڪيو ويو،