لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) مريم نواز چيو آهي ته هڪ جماعت 15 سالن تائين حڪومت ڪندي رهي پر 15 منصوبا به ٻڌائي نٿي سگهي، ان جو ليڊر نواز شريف تي تنقيد پيو ڪري
لاهور ۾ پنهنجي تڪ اين اي 119 جي دوري دوران ڪارڪنن کي خطاب ڪندي مريم نواز پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو نالو کڻڻ کانسواءِ مٿس طنز ڪندي چيو ته پنجاب ۾ آيل هڪ شخص نوازشريف تي بار بار تنقيد ڪري رهيو آهي
سندس چوڻ هو ته پنجاب نواز شريف تي ڪا به تنقيد برداشت ڪري نه ٿو سگهي، چيو وڃي ٿو نوازشريف وٽ عوام لاءِ ڪو منشور نه آهي، ٻڌايو وڃي ته جن 15 سالن تائين حڪومت ڪئي انهن ڪهڙا ڪم ڪرايا؟
هن چيو ته جيڪڏهن نواز شريف وٽ منشور نه هجي ها ته کيس بار بار مينڊيٽ ڇو ملي ها، هڪڙي جماعت 15 سالن تائين اقتدار ۾ رهي پر مڪمل ڪيل 15 منصوبا به نه ٿي ٻڌائي سگهي پر آئون نواز شريف جا مڪمل ڪيل 15 سئو منصوبا ٻڌائي سگهان ٿي
ٻئي طرف شهباز شريف منڊي بهاءُ الدين ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته نوازشريف 2013 ۾ هارين کي سبسڊي ۽ سستو ڀاڻ ڏنو، چين ۽ سعودي عرب جي سهڪار سان نوازشريف بجليءَ جي لوڊشيڊنگ جو خاتمو آندو
هن چيو ته دشمنن خوشحال ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، اسان تباهه ٿيل ملڪ کي اچي سنڀاليو