هڪ جنرل 62 ون ايف جي شق وڌي ته اسان سڀ پابند ٿي وياسين: چيف جسٽس

جنوري 5, 2024

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته سڄي ملڪ کي تباهه ڪندڙ 5 سالن بعد اهل ٿي وڃي ٿو، ڇا دنيا جي ڪنهن ملڪ ۾اليڪشن کان اڳ سياستدانن جو ايڏو سخت ٽيسٽ ٿيندو آهي؟، هڪ جنرل 62 ون ايف جي شق وڌي ته اسان سڀ پابند ٿي وياسين

سپريم ڪورٽ ۾ تاحيات نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي دوران جهانگير ترين جي وڪيل مخدوم علي خان جا دليل مڪمل ڪيا

 چيف جسٽس چيو ته نااهلي بابت انفرادي ڪيس ايندڙ هفتي  ٻڌنداسين، هن وقت قانوني ۽ آئيني معاملي کي ڏسون پيا، اسان پاڪستان جي تاريخ کي نه ٿا وساري سگهون، سڄي ملڪ کي تباهه ڪندڙ 5 سالن بعد اهل ٿي وڃي ٿو، ڪير قتل ڪري وارثن سان ٺاهه ڪري ته معاملو ختم ٿي ويندو آهي

 چيف جسٽس سوال ڪيو ته  نامزدگي ڪاغذن ۾ ڪجهه غلط ٿي  وڃي ته تاحيات نااهل ڪيئن ٿئي ٿو؟ تاحيات نااهلي جو ڪو ته منطق هجڻ گهرجي؟

چيو ويو ته عام قانون سازي آئيني  ترميم جو رستو کولي سگهي ٿي،  نيب قانون ۾ به سزا 10 سال ڪرائي  وئي، آئين وڪيلن لاءِ نه ملڪ جي  عوام لاءِ آهي، آئين کي آسان بڻايو وڃي، ايترو مشڪل نه بڻايو ته ماڻهن جو اعتماد ئي کڄي وڃي، تاحيات نااهلي ڪيس جي ٻڌڻي  ۾ جمعي جي نماز تائين وقفو

Leave A Comment