هڪ جپسي ڪالم … سائيبورگ ساروڻيون ….حبيب ساجد

پنھنجو رُخ سدائين سورج طرف رکو، پوءِ ڀلي ڪھڙو به وقت ھجي، “پاڇو” سدائين توھان جي پوئتان ھوندو .. (والٽ وٽمين)

**

مون ياد آھي ، مان ڀانيان اھو 2002 جو سال ھو، جڏھن مان ريلوي ھيڊ ڪوارٽر سکر جي آفيس ۾ ريلوي جي ايڪسيڊنٽس جون انڪوائريون ڪندو ھوس ۽ جون جي ھڪ صبح جو منھنجو ھڪ من گھريو دوست ايوب گيٽ ھيٺان کان ھڪ اھڙي ھيوي موٽربائيڪ تي مون طرف اچي رھيو ھو، جنھن تي مون چند مھينا اڳ ھالي ووڊ جي دبنگ اداڪار شيوازينگر کي ٽرمينيٽر فلم ۾ سوار ڏٺو ھو، جڏھن ھُو ريلوي جي بلڊنگ اندر داخل ٿيو ھو ته ھن جي گھري ۽ بي مُرڪ سنجيدگيءَ آڏو سڀ ريلوائي ملازم ھٽي ڪري رستو ڏئي رھيا ھئا، ھي ان دؤر جو ھڪ اينگري ينگ مين ۽ ڪلين شيووڊ ڊاڪٽر اعجاز سمون ھو، جيڪو مون سان منھنجي آفيس ۾ ملڻ آيو ھو، ھُو جيترو وقت به اتي ويٺو، منھنجي آفيس جا ساٿي پنھنجا کُليل فائل وساري اسان ڏانھن ئي تڪي رھيا ھئا .. انھن چاليھن منٽن واري ملاقات جو ذڪر پوءِ کوڙ ساترا ڏينھن اسان جي آفيس جي پٽيوالي کان وٺي ھيڊڪلارڪ تائين ٿيندو رھيو ھو ۽ ڳالھين جو موضوع رھيو ھو. مون اتي ڊاڪٽر اعجاز جا پنھنجي نِڪون ڊي ايس ايل آر سان ڪجھ اھڙا پورٽريٽس سنئپ ڪيا ھئا، جيڪي منھنجي فيس بوڪ جي فوٽوگرافي پيج تي سڀ کان وڌيڪ لائيڪس ۽ ھرٽس رکندڙ رھيا ھئا.

ھن وقت تائين 8 ڇپيل ڪتابن جو ۽ چئن اڻ ڇپيل ڪتابن جو رائٽر ھي ڊاڪٽر اعجازَ ھڪ اھڙي ماحول ۾ پئدا ٿيو ھو، جتي ھن تي جان گھوريندڙ ھستين جي گھڻائي ھئي ۽ اڃان به  آھي، ھُو منھنجي نظر ۾ چند اھڙن خوشنصيب انسانن ۾ شمارجي ٿو، جن مٿان رشتن جا سائبان گھاٽا ۽ اڻ کُٽ رھيا آھن … ھڪ اھڙو ابھم ٻار، جنھن جي آئيندي جي ڪنھن کي پڪَ ڪانه ھئي، ان ابھم ٻارَ اڳتي ھلي ٻن دنيائن يعني ميڊيڪل سائنس ۽ سنڌي لٽريچر ۾ پنھنجي ھجڻ جو زورائتو اظھار ڏئي  ثابت ڪيو ته، “ذرا نم ہو تو يہ مِٹي بہت زرخيز ہے ساقی”.

ميڊيڪل جي شعبي ۾ ھي سخي ماڻھو سپرنٽينڊنٽ جي ھائيٽ تي پھچي ريٽائر ٿيو ۽ ساڳي ريت سنڌي ادب ۾ به پنھنجي منفرد ۽ مختلف ڊڪشن وارين لکڻين جي ڪري به ھن پنھنجو پاڻ مڃائي ڏيکاريو.

ھن جو ڪتاب “جھڙي صورت سجُ ” جڏھن منھنجي  ھٿڙن تائين پھتو ته مون کي ھڪ اھڙي خوشگوار حيرت وڪوڙي وئي، جنھن کي مان اڃان تائين ڪوبه نالو نه ڏئي سگھيو آھيان … ھن ڪتاب ۾ ڊاڪٽرَ پنھنجي زندگيءَ جي انھن ھستين ۽ ساٿين تي لکيو آھي، جن جي ذڪر کان سواءِ نه ته خيرپور جو ذڪر مڪمل ٿي سگھي ٿو ۽ نه ئي خيرپور جي ادبي تاريخ پورڻتا ماڻي سگھي ٿي. ڊاڪٽر اعجازَ پوري سچائيءَ سان انھن شخصيتن جا پورٽريٽس لکيا آھن، جن متعلق اسان جيترو ڪجھ به ڄاڻندا آھيون، اھو بنھ اڻ پورو ۽ اڻ مڪمل لڳي رھيو آھي. ھُن پنھنجي قلم جي مڪمل لڄ رکي ڪري لکيو آھي ۽ اھڙو ڀرپور لکيو آھي، جو اھا شخصيت گوشت پوشت جي ۽ انساني گُڻن اوگڻن سان سجايل سجايل لڳي ٿي، نه ته اسان جي ادب ۾ مُلن کي به فرشتن جھڙو ۽ 72 حورن جو مالڪ ڪري ڏيکاريو ويندو آھي اھا ٻي ڳالھ آھي ته انھن جو نالو انھن جي گھر ۾ پيل ڪنھن وٽيءَ تي به لکيل ڪونه ھوندو آھي.

ھن ڪتابَ جو پھريون خاڪو اعجازَ جنھن شخصيت تي لکيو آھي، اھا ڪڏھن به اڍائي صفحن تي لکڻ جھڙي شخصيت ڪانھي، ھُو ھستي اسان جي لاءِ سنڌي ادب جي قلعي ۾ داخل ٿيڻ جو مئين گيٽ رھي آھي، ھن دروازي مان گذري اسان 90ع جي ڏھاڪي ۾ سنڌي ادب جي ان طلسمي قلعي ۾ داخل ٿيا ھئاسين، جنھن کي اڄ سڄي پرٿوي امر جليل پڪاري ٿي. روھڙيءَ جي قاضي محلي جو سائين امر جليل اڄ تائين ھڪ اھڙي ڇَٽَ جيان سنڌ جي ادبي آسمان تي تاڻيل آھي، جنھن تي ھن جا پوکيل ستارا پوري سنڌ مٿان ٽِم ٽِم ڪري رھيا آھن. سنڌي ڪھاڻيءَ جي ان برڙ باڪاس ليکڪ کي اڍائي صفحن ۾ سموئڻ ڊاڪٽر اعجاز جي ئي وس جو طلسم آھي.

امر جليل جي جنم ڏھاڙي جي حوالي سان پنھنجون يادگيريون لکندي ڊاڪٽر اعجاز ھڪ ڪمال ڀيٽا امر جليل کي ارپڻ ڪئي آھي، جيڪو پنھنجي لکڻين ۾ اروڙ جي مِٽيءَ جو مست ليکڪ رھيو آھي. ھن لکڻيءَ ۾ کيس ڀڳوان چئي ھن ڏانھن لکيل ھڪ عقيدتي خط جي انداز ۾ مخاطب ٿي ڀيٽا ڏيڻ مون کي ايترو ته سٺو ۽ سھڻو لڳو، جو ھن خاڪي پڙھڻ بعد مون کي ڪنھن ٻئي خاڪي ڏانھن وڌڻ لاءِ اڌ ڪلاڪ پاز وٺڻو پيو، ڇو جو منھنجي پڙھڻ جو ذائقو يڪ لخت ايترو ته تبديل ٿي چڪو ھو، جو ھيٺتي لھي لکڻ ۾ مون کي کوڙ ساترو وقت لڳي ويو.

ھن ڪتاب ۾ ٻئي نمبر تي رکيل ۽ لکيل خاڪي کي مان ھڪ آئوٽ اسٽينڊنگ لکڻيءَ ۾ شمار ڪريان ته بنھ به وڌاءُ نه ٿيندو، مان ڀانيان اسان جي سنڌ جي جنھن ڪھاڻيڪار تي اسان جي اعجاز پنھنجو پيار ۽ پنھنجي عقيدت پلٽي ڇڏي آھي، اھو بغير ڪنھن شڪَ جي پنھنجي انداز جو ھڪ يگانو ۽ منفرد ڪھاڻيڪار رھيو آھي. ڪراچي ۽ لاھور ۾ ھوٽل جي ڪرائي جي ڪمري ۾ ھفتا ھفتا رھي ڪھاڻيون لکڻ ۽ انھن ڪھاڻين جي اڻت رچڻ بلڪل به رواجي ڳالھ ڪانھي، نسيم کرل ھڪ وڏيرو ھو، ان ۾ به ڪو شڪ ڪونھي ته ھُو سنڌي ڪھاڻيءَ جو به وڏيرو يعني وڏن ورن وارو پٽڪو پائيندڙ رھيو آھي، ھن جي شھادت تائين اھو شايد طئي نه ٿي سگھيو ھو، پر نسيم کرل جا ڪردار ھن جي پنھنجي اپر ۽ ايليٽ ڪلاس جا بنھ به ڪونه آھن، ھن جا ڪردار پيزنٽ ڪلاس جا بيوس ۽ لاچار انسان آھن، جن جي لاءِ ماڻھن پنھنجي دل ۾ ڪڏھن به ڪو رحم يا ڪا دَيا محسوس نه ڪئي ھئي، جيسيتائين نسيم کرلَ انھن تي لکي انھن کي پنھنجي ڪھاڻين ۾ امر نه بڻائي ڇڏيو. بنا شڪ جي ڊاڪٽر اعجاز جو لکيل ھي خاڪو مون اکين سان نه پر دل جي اکين سان پڙھيو، پنھنجي قلم قبيلي جي شاھ سوارن کي ايئن ڀيٽا ارپن ڪرڻ رڳو ڊاڪٽر اعجاز جو ئي خاصو ۽ ڪمال آھي.

سائين سليم ڪورائي اھو ليکڪ آھي، جنھن جو ذڪر ڊاڪٽر اعجاز اسان سنگتين سان ھميشه ھڪ خاص لھجي ۽ عقيدتي ٽُون ۾ ڪندو رھندو آھي. سليم ڪورائيءَ جو ڪردار ڊاڪٽر جي زندگيءَ ۾ ھڪ اھڙي گھريتڙي جھڙو رھيو آھي، جنھن جي دائرن جي اُڻت ۾ ڊاڪٽر اعجاز به ڄڻ ته ھن سان سرس شامل رھيو آھي. سليم ڪورائي ئي اھو حسن ڪوزہ گر آھي، جنھن اعجاز جھڙي چيڪي مٽيءَ کي گھڙي ھڪ مشڪيزي ۾ تبديل ڪيو، جنھن مان ھُو جڏھن به چاھي ڪا ڪھاڻي ڇٽي سنڌ جي مٽيءَ مان  مھڪ جي ھڪ ڦوھارَ اُٿاري سگھي ٿو. سائين سليم ڪورائيءَ جھڙي يگاني ليکڪ کي ھن جي سيھوڳي ليکڪن ۽ يارن ڪڏھن به ايتري اھميت ڪانه ڏني آھي، جنھن جو ھُو حقدار آھي پر پوءِ به ڊاڪٽر اعجازَ پنھنجي ان جينيئس ساٿي، دوست ۽ گُرو ديو کي ھن ڪتاب ۾ ھڪ اھڙو ليک ارپڻ ڪيو آھي، جيڪو بلڪل اڻ پورو ۽ اڌ ۾ ڇڏيل لڳي رھيو آھي، مون کي لڳي پيو ڊاڪٽر اعجاز کي سائين سليم ڪورائيءَ تي اڃان ٽي صفحا وڌيڪ لکڻا ھئا پر ڪنھن عجيب ڪارڻ جي ڪري ھن اھو پورٽريٽ ڄڻ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو آھي … اھا تشنگي مون ائين محسوس ڪئي جو سليم ڪورائيءَ جي پورٽريٽ پڙھڻ بعد مون پني ڏي نھاريو ته اھو کوڙ ساترو خالي ۽ اڻ پورو ھو، ڄڻ ڊاڪٽر اعجاز جيڪو ڪجھ لکڻ پيو چاھي، اھو ھن شعوري طور تي نه لکڻ چاھيو آھي يا نه لکي سگھيو آھي.

ڊاڪٽر اعجازَ انھن خاڪن لکڻ جو انداز ايڏو ته جينئين ۽ ڇِڪ وارو رکيو آھي، جو مان پنھنجي بنھ ساھ جھڙن دوستن جا خاڪا به جڏھن پڙھيا ته مون کي لڳو مان ته پنھنجي انھن ساھ جي ويجھو رھندڙ دوستن متعلق ڏھ سيڪڙو به ناليج نه ٿو رکان. امر اقبالَ ۽ پرويز ابڙي جا خاڪا ڊاڪٽر اعجاز ڄڻ ته دل جي ڪانھن واري تراشيل قلم سان لکيا ھجن. عام طور تي سنڌي ليکڪَ پنھنجي خاڪن کي بايوگرافيڪل خاڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آھن پر ڊاڪٽر اعجاز پنھنجي دوستن تي بايوگرافيڪلي لکڻ بجاءِ انھن تي ايئن لکيو آھي، جيئن لکڻ جو حق ھوندو آھي. ڊاڪٽرَ انھن جون بايوگرافيز بجاءِ انھن سان ٿيل ڪچھرين تي گھڻو لکيو آھي، انھن جي آکيل ڳالھين تي وڌيڪ لکيو آھي، جيئن ھن اسان “ پَرُو” يعني پرويز ابڙي تي سمنڊ ڪناري ٿيل پوري ڪچھري قلمبند ڪئي آھي ۽ انھن ڏکائتين ڪيفيتن تي لکيو آھي، جيڪي ان وقت پرويز جي چھري تي پنھنجي بابا قبول ابڙي جي مرتيي جي ڪري ڪنھن اسڪرين جيان گذري رھيون ھيون … يا جيئن امر اقبال تي لکڻ مھل ھن جي انھن فيلنگس تي به لکيو آھي، جنھن ۾ ھڪ پٽ پنھنجي محبوب پيءَ جي سيرانديءَ اسپتال جي ڪينسر وارڊ ۾ ڇا سوچي رھيو ھوندو آھي ۽ ھن جي چھري تي دردَ جا ڪيڏا گھرا ليڪا ظاھر ٿيندا ھجن.

مجموعي طور اھي خاڪا جيڪي اسان جي يار غار ڊاڪٽر اعجاز سمي وقتن فوقتن لکيا ھئا، انھن کي ھڪ جاءِ تي ڪٺي پسي گھٽ ۾ گھٽ مون جھڙن مردودِ حرم ماڻھوءَ لاءِ ھڪ اھڙو خزانو جوڙيو آھي، جنھن جي مُھڙَ ۾ ھڪ آئينو رکيل آھي، جنھن ۾ ھن جي دوستن جا عڪس ايئن گھمي ڦري رھيا آھن، جيئن  ھڪ آستاني تي پيئاڪ پنھنجا خالي پيالا جھلي پنھنجي پنھنجي واري جو انتظار ڪندا رھندا آھن. جڏھن انھن اڳيان ساقيئڙو اعجاز جھڙو غلمان صورت ماڻھو ھجي ته پاڻ سوچيو ان پيالي ۾ ڪھڙو زَم زَم ٿي سگھي ٿو .. !!!!