اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪاميابي ماڻيندڙ اميدوارن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي هڪ سيٽ پاڻ وٽ رکي ٻين سيٽن تان دستبردار ٿي وڃن
اليڪشن ڪميشن مطابق هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب اميدوارن لاءِ لازمي آھي ته ھو ڪا به ھڪ سيٽ پاڻ وٽ رکن ته جيئن ننڍي چونڊ لاءِ عمل شروع ڪيو وڃي
جاري ڪيل هدايت نامي موجب هڪ کان وڌيڪ سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙ اميدوار سيٽ تان دستبردار ٿيڻ جي درخواست چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن پاڪستان يا صوبائي آفيس ۾ جمع ڪرائن
اليڪشن ڪميشن موجب ڄاڻايل عرصي تائين دستبردار نه ٿيڻ جي صورت ۾ آرٽيڪل (2)223 تحت سڀ کان آخر ۾ ڪامياب ٿيل سيٽ کان سواءِ باقي سموريون سيٽون خالي تصور ڪيون وينديون