هڪ شخص اقتدار ويندي ڏٺو ته هن پاڪستان تي حملو ڪيو:نواز شريف

جنوري 30, 2024

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته مون ظلم برداشت ڪري به قومي راز وائکا نه ڪيا، هڪ شخص کي پنهنجو اقتدار ويندي نظر آيو ته هن پاڪستان تي حملو ڪيو، جنهن جو نتيجو عدالت جي فيصلي ۾ سامهون آيو

هارون آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته اڄ اڃا ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ آئي آهي، رپورٽ ۾ پي ٽي آءِ باني جي دور کي ڪرپٽ ترين دور قرار ڏنو ويو آهي، اهڙي شخص کي صادق ۽ امين جو سرٽيفڪيٽ ڪيئن ڏنو ويو؟

هن چيو ته مون کي پاڻ سان ٿيل ناانصافين جو نه پر عوام جي پريشانين جو ڏک آهي، مريم نواز جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته نواز شريف پي ٽي آءِ باني جي سزا تي جشن نه ملهايو

هن چيو ته  اعظم خان حلف کڻي چيو هو ته پي ٽي آءِ باني سائيفر واري معاملي تي ڪوڙ ڳالهايو، نواز شريف جا ڪجهه مخالف گهر ڀيڙا ٿيا ۽ ڪجهه مخالفن جو عبرتناڪ انجام ٿيو

Leave A Comment