هڪ لک تائين پگهار تي ٽيڪس ڇوٽ تجويز: نان فائلر جي گاڏين خريدڻ ۽ وڪري تي پابندي لڳائڻ جي خاطري

مَي 20, 2025

اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومتي معاشي ٽيم ۽ آءِ ايم ايف وفد وچ ۾ نئين بجيٽ متعلق ڳالهين وارو ٻيو مرحلو جاري آهي. جڏهن ته حڪومت عالمي مالياتي اداري کي نان فائلرن لاءِ گهيرو وڌيڪ تنگ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. آءِ ايم ايف سان بجيٽ بابت ڳالهين جي ٻئي مرحلي ۾ پاڪستان جي معاشي ٽيم ۾ ناڻي وزارت، ايف بي آر، پلاننگ ڪميشن، اقتصادي معاملن واري ڊويزن ۽ پيٽروليم واري وزارت جا اعليٰ عملدار شامل آهن. ذريعن موجب آءِ ايم ايف وفد سان آمدني ۽ خرچن تي حتمي ڳالهيون ٿينديون. ان دوران پگهاردار طبقي لاءِ انڪم ٽيڪس جي شرح گهٽائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي، حڪومت ساليانو 10 کان 12 لک رپيا پگهار کڻندڙ کي ٽيڪس کان ڇوٽ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم جي هدايت تي ايف بي آر انڪم ٽيڪس ۾ رليف جي جي ڪوشش ڪندو، ڳالهيون 23 مئي تائين جاري رهنديون، 22 مئي تائين بجيٽ تجويزن کي حتمي شڪل ڏني ويندي. ڳالهين دوران حڪومت آءِ ايم ايف کي نان فائلرن لاءِ گهيرو وڌيڪ تنگ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي جنهن تحت نان فائلرز جي لاءِ گاڏيون، ملڪيت خريدڻ ڪرڻ تي پابندي هوندي، ۽ نان فائلر مالي ڏيتي ليتي جي ٽرانزيشن نه ڪري سگهندا. ايف بي آر جي ذريعن مطابق نئين بجيٽ ۾ نان فائلرن لاءِ ڪا به نرمي نه پر وڌيڪ سختي ٿيندي، ٽيڪس سسٽم مان نان فائلرز جي ڪيٽيگري ختم ڪرڻ تي ڪم جاري آهي.  آءِ ايم ايف کي بريفنگ ڏني وئي آهي ته تاجر دوست اسڪيم پنهنجو هدف پور ناهي ڪري سگهي، جڏهن ته غير رجسٽرڊ دڪاندارن تي وڌهولڊنگ ٽيڪس وڌائڻ سان مثبت نتيجا حاصل ٿيا، جنهن تحت هول سيلرز ۽ واپارين ۾ فائلرز جي تعداد ۾ 51 سيڪڙو اضافو ٿيو. ٽيڪس نه ڏيندڙن بابت ٿرڊ پارٽي ڊيٽا جو تجزيو جاري آهي. ايف بي آر جي ذريعن موجب ٽيڪس نظام کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ ڪمپلائنس رسڪ مينيجمينٽ سسٽم فعال ڪيو ويو آهي، جيڪو هاڻ ڪارپوريٽ ٽيڪس يونٽن تائين به وڌايو ويندو. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ ايندڙ مالي سال 2025-26ع متعلق پاليسي سطح تي ڳالهيون جاري آهن. وفد سان آمدني ۽ خرچن سميت بجيٽ تخميني تي حتمي ڳالهيون ٿينديون. آءِ ايم ايف جو وفد 22 مئي تائين اسلام آباد ۾ قيام ڪندو، آءِ ايم ايف سان بجيٽ تي ڳالهين ۾ ناڻي وزارت، ايف بي آر، پلاننگ ڪميشن ۽ اسٽيٽ بينڪ جا عملدار به شامل هوندا.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت