هڪ وڌيڪ بحري جهاز تي قبضو، ڊيل نه ٿيڻ تي حملن جي ڌمڪي، آڱر ٽرگر تي هوندي دٻاءُ آڏو نه جهڪنداسين: ايران

هڪ وڌيڪ بحري جهاز تي قبضو، ڊيل نه ٿيڻ تي حملن جي ڌمڪي، آڱر ٽرگر تي هوندي دٻاءُ آڏو نه جهڪنداسين: ايران

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اشارو ڏيندي چيو آهي ته ايران ڪيترائي ڀيرا جنگبندي جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن ۽ جنگبندي جو مدو وڌائڻ نٿو چاهيا، معاهدي جو تمام وڏو امڪان آهي ڊيل ٿيڻ تائين ناڪابندي جاري رهندي ڊيل نه ٿي ته بمباري وري شروع ٿي ويندي.  هڪ انٽرويو ۾ ٽرمپ چيو ته آمريڪا هر قسم جي فوجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ايران سان جنگ کي سٺي معاهدي سان ختم ڪيو ويندو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا ايران سان معاملا بهترين انداز ۾ سنڀالي رهيو آهي ۽ ايران وٽ ڳالهين ۽ معاهدو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هرمز کاڙي جي ناڪابندي وڏي ڪاميابي آهي ۽ آمريڪا ايران جي ائٽمي سگهه ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ايران نيوڪليئر سطح تائين نٿو پهچي سگهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جنگ مڪمل طور تي کٽي چڪو آهي. هن چيو ته جنگبندي اربع جي ڏينهن شام جو ختم ٿي ويندي جنهن کانپوءِ بمباري شروع ٿي ويندي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران جنگ دوران قابل اعتماد خليجي ملڪن کي مالي مدد يا ڪرنسي جي مٽاسٽا جي آڇ ڪري سگهجي ٿي سي اين بي سي سان هڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته گڏيل عرب امارات سان ڪرنسي جي مٽاسٽا ‘غور هيٺ’ آهي. هن چيو ته امارات انهن غير معمولي حالتن ۾ هڪ تمام سٺو اتحادي رهيو پر هڪ امير ملڪ کي مالي مدد فراهم ڪرڻ سان آمريڪا اندر رد عمل اچي سگهي ٿو. صدر ٽرمپ چيو ته سعودي عرب ڪجهه به نه گهريو آهي اهي اسان جي مدد ڪري رهيا آهن ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر يورپي اتحادين ۽ نيٽو تي تنقيد ڪندي چيو ته جيڪي مدد نه ڪري رهيا اهو نيٽو آهي ۽ اسان کي ڪڏهن به انهن جي ضرورت نه پوندي. حقيقت ۾، انهن کي اسان جي ضرورت پوندي. ڇاڪاڻ ته اهي ڪاغذي شينهن آهن.
 

تهران (م ڊ) ايراني حڪومت چيو آهي ته ته تهران جي آڱر ٽرگر تي رهندي ۽ دفاعي فوجون مڪمل طور تي الرٽ هونديون. ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف چيو آهي ته اسان کي دٻاءُ وجهي ڳالهين لاءِ مجبور نه ٿو ڪري سگهجي ميڊيا رپورٽن موجب ايراني حڪومت جي ترجمان فاطمه مُهاجراني ايران جي اسلام آباد ۾ ڳالهين جي ايندڙ دور ۾ حصو وٺڻ بابت تصديق يا واضح ترديد ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اسان جي سامهون ٻه حڪمت عمليون آهن پهرين جنگ جي حڪمت عملي آهي ۽ ٻي سفارتڪاري جي حڪمت عملي آهي. هن چيو ته ايران جي ڳالهين واري ٽيم قومي مفادن تي ٿورو به سمجهوتو نه ڪندي. اسان جي آڱر ٽرگر تي هوندي ۽ فوج مڪمل طور تيار هوندي. ٻئي طرف پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير رضا اميري مقدم جو چوڻ آهي ته اها عالمي حقيقت آهي ته عظيم تهذيب رکندڙ ملڪ ڌمڪي ۽ جبر هيٺ ڳالهيون نه ڪندو آهي. هن چيو ته دٻاءَ ۽ طاقت جي استعمال تحت ڳالهيون نه ڪرڻ هڪ مضبوط اسلامي اصول آهي. ايراني سفير چيو ته اهڙن اصولن جي موجودگي ۾ ڌمڪين جي پاڇي هيٺ ڳالهيون ممڪن ناهن، ڪاش آمريڪا ان حقيقت کي سمجهي سگهي ها ته تهذيبون دٻاءُ اڳيان نه جهڪنديون آهن.
 

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا هڪ ٻيو بحري جهاز قبضي ۾ وٺي ڇڏيو آمريڪي صدر چيو آهي ته پڪڙيل جهاز مان ڪجهه حيران ڪندڙ شيون مليون آهن مون کي چين مان سٺيون اميدون هيون. مليل رپورٽن موجب پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوجن انڊو پيسفڪ خطي ۾ پابندي مڙهيل ٽينڪر خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن جو مقصد ايران جي حمايت ڪندڙ غيرقانوني نيٽ ورڪن آڏو رنڊڪ وجهڻ آهي. سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ آمريڪي دفاعي کاتي چيو ته هنن بنا ڪنهن واقعي جي بي وطن ۽ پابندي مڙهيل جهاز ايم ٽي ٽفاني جي جاچ ۽ ناڪابندي لاءِ ان تي قبضوڪيو ۽ ڪارروائي ڪئي. دنيا ۾ سامونڊي قانون تي عمل ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن ته جيئن غيرقانوني نيٽ ورڪن کي روڪي سگهجي ۽ ايران کي مادي مدد فراهم ڪندڙ پابندي مڙهيل جهازن کي روڪيو وڃي، اهي جتي به سرگرم هجن. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته بين الاقوامي پاڻي پابندي مڙهيل جهازن لاءِ پناهگاهه ناهن. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊٽرمپ چيو ته پڪڙيل جهازن مان اسان کي ڪجهه اهم شيون مليون آهن، اسان کي چين مان وڏيون اميدون هيون.