هڪ وڻ حسين جي نانءُ: ڪراچي ۾ ٻوٽن جي انوکي سبيل

جُولاءِ 30, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) عشق حسين جو هڪ نرالو ۽ خوبصورت انداز،  ڪراچي ۾ انوکي سبيل لڳائي وئي، جنهن ۾ پاڻي نه پر ٻوٽو ڏنو ويو

سوشل ميڊيا تي اهڙي سبيل جي تصوير سامهون آئي آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 10 محرم الحرام عاشوري جي ڏينهن سولجر بازار ۾ ٻوٽن جي سبيل لڳائي وئي

سولجر بازار ڪراچي ۾ ٻوٽن جي سبيل دوران هر ايندڙ ويندڙ ماڻهو کي هڪ ٻوٽو ڏنو ويو ته شهداءِ ڪربلا جي ياد ۾ ٻوٽا پوکيو

ان سبيل تي لکيل هو ته هڪ وڻ حسين جي نانءٌ، ان قسم جي سبيل جي سوشل ميڊيا تي ساراهه ڪئي پئي وڃي

Leave A Comment