هڪ ٻي ڪوئل خاموش: راڳ راڻي آشا ڀوسلي پنهنجي ديدي لتا سان وڃي ملي

هڪ ٻي ڪوئل خاموش: راڳ راڻي آشا ڀوسلي پنهنجي ديدي لتا سان وڃي ملي

ممبئي (م ڊ) ڀارت جي ليجنڊري گلوڪارا آشا ڀوسلي 92 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. ڀارتي ميڊيا موجب آشا ڀوسلي کي ڇنڇر ڏينهن طبيعت ناساز ٿيڻ تي ممبئي جي بريچ ڪينڊي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو. گلوڪارا کي سيني ۾ انفيڪشن هوجتي هوءَ صحتياب نه ٿي سگهي. ليجنڊ گلوڪارا جي پٽ آنند ڀوسلي ٻڌايو ته آخري رسمون سومر تي شام جو ادا ڪيون وينديون. آشا ڀوسلي کي ڀارتي موسيقي جي تاريخ جي سڀ کان مقبول ۽ بااثر آوازن ۾ شمار ڪيو ويندو هو، هن پنهنجي فني سفر جي شروعات 1943 ۾ رڳو 10 ورهين جي عمر ۾ ڪئي، کيس ڪلاسيڪي موسيقي جي تربيت سندس پيءُ دينا ناٿ منگيشڪر ڏني. پنهنجي ڊگهي ڪيريئر دوران هن 20 مختلف ٻولين ۾ 12 هزار کان وڌيڪ گانا رڪارڊ ڪيا ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ بالي ووڊ فلمن ۾ پنهنجي آواز سان ماڻهن کي موهيو، خدمتن جي اعتراف ۾ کيس 7 فلم فيئر ايوارڊن سميت ڪيترن ئي قومي اعزازن سان به نوازيو ويو.