| هڪ پٽ، ٻه نياڻيون: عمرڪوٽ واسڻ 3 ٻارن کي جنم ڏنو |
عمرڪوٽ(رپورٽر) عمرڪوٽ ۾ عورت هڪ ئي وقت ٽن صحتمند ٻارن کي جنم ڏنو ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال عمرڪوٽ ۾ ڳوٺ هاشم پلي جي رهواسڻ عورت ياسمين حميد شر هڪ ئي وقت ٽن ٻارن کي جنم ڏنو جنم وٺندڙ ٻارڙن ۾ هڪ پٽ ۽ ٻه نياڻيون شامل آھن 35 سالا عورت ياسمين حميد شر کي گذريل ڏينهن ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪواٽر اسپتال عمرڪوٽ ۾ آندو ويو هو جتي هن نارمل ڊليوري دوران ٽن ٻارن کي جنم ڏنو آهي اسپتال انتظاميه موجب ٻارڙا ۽ ماءۡ بلڪل صحمتمند آهن ايم ايس ڊاڪٽر فريد ھنگورجو ٻڌايو ته ٽن ٻارڙن ۾ ٻه نياڻيون صحتمند آهن جڏهن ته هڪ پٽ جنهن جي طبيعت خراب آهي جنهن کي طبي امداد ڏني پئي وڃي عورت جي پنجين ڊليوري آهي ساڳئي عورت 4 سال اڳ ڊليوري دوران ٻن پٽن کي جنم ڏنو هو جيڪي بلڪل صحتمند آهن