هڪ ڀيرو سزا ملڻ سان چونڊن لاءِ نااهلي ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟ اليڪشن روڪڻ لاءِ اٽڪلون ڪيون پيون وڃن: سپريم ڪورٽ
جنوري 3, 2024
اسلام آباد( بيورو رپورٽ + م ڊ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان چيو آهي ته هڪ ڀيرو سزا ملڻ سان چونڊن لاءِ نااهلي ڪيئن ٿي سگھي ٿي؟ لڳي ٿو اليڪشن روڪڻ لاءِ اٽڪلون ڪيون پيون وڃن. ان ڏس ۾ سپريم رٽرننگ آفيسر جي مقرري معطل ڪرڻ جو پشاور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دورال اليڪشن ڪميشن جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنگل بئنچ 27 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس جاري ڪرڻ کانسواءِ آر او کي معطل ڪيو، ڪوهاٽ جي ريٽرننگ آفيسر طبي سبب جي بنياد تي پاڻ موڪل گهري، پشاور هاءِ ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ نئين آر او خلاف ڪجهه ناهي لکيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ شڪايت ڪندڙ کان سوال ڪيو ته اوهان پنهنجي مرضي جو ريٽرننگ آفيسر مقرر ڪرڻ چاهيون ٿا؟ لڳي ٿو ته ڪجهه طريقا استعمال ڪيا پيا وڃن جيئن اليڪشن نه ٿي سگهي، هڪ رٽرننگ آفيسر بيمار ٿيو ته ٻيو مقرر ڪيو ويو، پشاور هاءِ ڪورٽ هڪ ڌڪ سان مقرري معطل ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ڪي پي اسيمبلي جي تڪ 91 ڪوهاٽ ۾ رٽرننگ آفيسر جي معطلي بابت پشاور هائيڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو نه توهان تي ڏنڊ هنيو وڃي، نوٽيس کانسواءِ ئي مقرري معطل ڪري ڇڏي، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جج نوٽيس جاري ڪرڻ به مناسب نه سمجهو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اليڪشن ڪميشن کي ٻڌڻ کانسواءِ ئي عدالتون فيصلا ڪري رهيون آهن، اها وڏي عجيب ڳالهه آهي، ڇا توهان چاهيو ٿا ته سموري اليڪشن ئي بيهي وڃي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته غير ضروري درخواستون ڇو داخل ٿي رهيون آهن؟. عدالت چيو ته اليڪشن ڪميشن غيرقانوني يا غير آئيني قدم ناهي کنيو، اليڪشن ڪميشن فوري طور اسڪروٽني جو عمل شروع ڪري. عدالت پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي اپيل منظور ڪري ورتي. ٻئي پاسي سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 62 ون ايف تحت سياستدانن جي تاحيات نااھليءَ متعلق ڪيس ۾ عدالت سوال اُٿاريو آهي ته ڪنھن شخص کي ھڪ ڀيرو سزا ملي وئي ته ڳالھ ختم ڇو نٿي ٿئي. اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ڪو سزا کان پوءِ هميشه لاءِ چونڊون نه وڙھي سگھي. آرٽيڪل 62 ون ايف تحت سياستدانن جي تاحيات نااھليءَ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ، جسٽس منصور علي خان، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين، جسٽس جمال منڊو خيل، جسٽس محمد علي مظھر ۽ جسٽس مسرت ھلالي تي مشتمل ست رڪني لارجر بينچ ڪئي. درخواست گذار امام بخش قيصراني جي وڪيل ثاقت جيلاني روسٽرروم تي اچي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف تحت نااھليءَ جي سزا پنج سال ڪرڻ جي قانون سازيءَ کي سپورٽ ڪري رھيا آھيون، اٽارني جنرل چيو ته تاحيات نااھلي فيصلي تي نظر ثاني ٿيڻ گھرجي، مان اليڪشن لاءِ ڏنل نااھلي جي مدي جي حمايت ڪريان ٿو ۽ عدالت سميع الله بلوچ جي ڪيس تي نظر ثاني ڪري. چيف جسٽس روسٽرم ۽ عدالت ۾ موجود وڪيلن سان ڳالهائيندي چيو ته درخواست گذارن مان ڪير ڪير تاحيات نااھليءَ جي حمايت ڪري ٿو؟ ان تي درخواست گذار ثناءٌ الله بلوچ، ايڊوڪيٽ خرم رضا ۽ عثمان ڪريم تاحيات نااھليءَ جي حمايت ڪئي. جڏھن ته صوبائي حڪومتن پاران اٽارني جنرل موقف جي تائيد ڪئي. مير بادشاھ قيصراني جي خلاف درخواست گذار جي وڪيل ثاقب جيلاني به تاحيات ناھليءَ جي مخالفت ڪندي چيو ته مون مير بادشاھ قيصراڻي جي خلاف 2018 ۾ درخواست داخل ڪئي، جڏھن 62 ون ايف جي تحت تاحيات نااھلي جو فيصلو آيو، چيف جسٽس چيو ته ھاڻي اليڪشن ڪميشن ايڪٽ ۾ نااھلي جي مدي جو تعين ناھي . جسٽس منصور علي شاھ اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ته اليڪشن ايڪٽ ۾ ڏنل نااھلي جو مدو آئين کان وڌيڪ تصور ٿيندو؟ آرٽيڪل 63 جي تشريح وارو معاملو آھي، سنگين غداري ڪندڙ ته اليڪشن وڙھي سگھي ٿو، سول ڪورٽ مان معمولي سزا مليل اليڪشن نٿو وڙھي سگھي! ڇا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي ختم ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم ڪرڻي پئي؟ ڇا آئين ۾ جيڪو لکيل آھي ان کي قانون سازي ذريعي تبديل ڪري سگھجي ٿو؟ جسٽس محمد علي مظھر چيو ته آئين جي آرٽيڪل 62 ون ايف ۾ نااھلي جي مدي جو ذڪر ناھي، اٽارني جنرل چيو تھ سپريم ڪورٽ پنھنجي فيصلي ۾ چيو ھو ته جيسيتائين عدالتي فيصلو موجود آھي نااھلي تاحيات رھندي. جسٽس منصور علي شاھ ريمارڪس ڏنا ته ڪنھن شخص جي خلاف ڊڪليئريشن ڪيئن ڏئي سگھجي ٿي. جسٽس محمد علي مظھر چيو تھ ڇا سپريم ڪرٽ جي ڊڪليئريشن پاڻ مرادو اختيار استعمال ڪري ڏنو آھي؟ چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 62 ون جي ۽ آرٽيڪل 63 ون جي جي ٻولي ھڪ سان آھي. آرٽيڪل 63 ون تحت ملڪي سالميت ۽ نظريي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جي نااھلي 5 سال آھي. اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏھن ھڪ شخص خلاف ڪيس ھجي ته ھو 2 سال سزا ڪاٽي واپس اچي سگھي ٿو. پر ھڪ شخص جي خلاف ڪيس نه ھجي پر ڊڪليئريشن اچي وڃي ته ھو ٻيھر نٿو اچي سگھي. چيف جسس چيو ته ڇا ڪو شخص حلفيھ طور تي چئي سگھي ٿو ته ھو سٺي ڪردار جو مالڪ آھي؟ جسٽس منصور علي شاھ چيو ته ھڪ شخص کي ھڪ ڀيرو سزا ملي وئي ته ڳالھ ختم ڇو نٿي ٿي وڃي. اھو ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته سزا ڪاٽڻ بعد به ڪڏھن اليڪشن نه وڙھي سگھندو؟ آئين ۾ ھر سزا جو مدو آھي تھ نااھلي تاحيات ڪئين ٿي وئي؟ چيف جسٽس عدالت ۾ موجود وڪيل مخدوم علي خان کي چيو ته اوھان روسٽرم تي اچو، مخدوم علي خان چيو ته آئون موجودا ڪيس ۾ جھانگير ترين جو وڪيل آھيان. چيف جسٽس چيو ته اسان ته اوھان کي عدالتي معاون مقرر ڪرڻ جو سوچي رھيا ھئاسين، پر اوھان پھريان ئي اسان جي سامھون ڌر آھيو، اھو ٻڌايو ته آرٽيڪل 62 ۾ اھي شقون ڪڏھن شامل ڪيون ويون آھن؟ مخدوم علي خان جواب ڏنو ته آرٽيڪل 62 آئين پاڪستان 1973 ۾ سادا ھيو. آرٽيڪل 62 ۾ اضافي شقون صدارتي آرڊيننس 1985 ۾ شامل ٿيون. چيف جسٽس چيو ته يعني ضياءَ جي ڪردار لاڳاپيل شقون شامل ڪرايون؟ ڇا ضياءَ الحق جو پنھنجو ڪردار سٺو ھيو؟ چيف جسٽس چيو ته منھنجي ذاتي راءِ ۾ اصل آئين ۽ ان کان پوءِ ترميم ۾ تضاد ھجي ته اصل آئين تي دارومدار ڪرڻ گھرجي. آئون چونڊيل نمائندن جي قانون سازي تي انحصار ڪندس نه ڪي ڊڪٽيٽر جي. ھڪ مارشل لا ڊڪٽيٽر جي خلاف لفظ ادا ڪرڻ ۾ ايترا خوفزادا ڇو آھيو؟ وڏا وڏا عالم آخرت واري ڏينھن جي حساب کان ڊڄندا آھن. سٺي ڪردار متعلق اھي ججز فيصلو ڪندا جيڪي پاڻ انسان آھن؟ جسٽس منصور علي شاھ چيو ته ھڪ طرف لکيل آھي ته ڪوڙ ڳالھايو ته پوري عمر جي لاءِ نااھلي آھي. ٻئي طرف قتل ڪري ڇڏيو. غداري ڪري ڇڏيو ته به ڪجھھ عرصي کان پوءِ واپسي ٿي ويندي؟ چيف جسٽس آف پاڪستان چيو ته اسان ھڪ بنيادي اصول قائم ڪرڻ چاھيون ٿا. ذاتيات ۾ نه وينداسين. جيڪڏھن فوجداري ڪيسن ۾ عدالت ڪنھن شخص کي ڪوڙو قرار ڏي ته ان تي آرٽيڪل 62 ون ايف لڳندو؟ سڀاڻي اھو شخص چونڊن ۾ حصو نھ وٺي سگھندو ڪو اعتراض ڪندو ته توکي عدالت ڪوڙو قرار ڏنو آھي؟ جسٽس منصور علي شاھھ چيو تھ سپريم ڪرٽ بار جو صدر شھزاد شوڪت قانون جي حمايت ڪري رھيو آھي يا مخالفت؟ شھزاد شوڪت چيو ته قانون جي حمايت ڪريان ٿو. چيف جسٽس چيو ته اوھان تاحيات نااھليءَ جي حق ۾ آھيو يا مخالفت ۾؟ ها يا نه ۾ جواب ڏيو. وڪيل جواب ڏنو تھ تاحيات نااھلي جي تڏھن حق ۾ ھوندس جيستائين سپريم ڪورٽ جو فيصلو موجود آھي. چيف جسٽس ھڪ ڀيرو ٻيھر چيو ڪير ڪير ھن قانون جي مخالفت ڪري ٿو؟ سميع الله بلوچ جي ڀاءٌ ثناءٌ اللھ بلوچ روسٽرم تي اچي چيو ته مان متاثر آھيان. مان عدالتي بالادستي تي يقين رکان ٿو. چيف جسٽس اُن کي روڪي چيو ته اھا عدالتي بالادستي ڇا ھوندي آھي؟ مون آئين جي بالادستي جو ته ٻڌو ھيو، ثناءٌ اللھ بلوچ چيو ته آرٽيڪل 62 ۽ 63 پنجاھ سال کان آئين ۾ شامل آھي. ان تي ڳالھائي رھيو آھيان. جسٽس يحيٰ آفريدي وڪيل ثناءٌ الله آفريدي سان ڳالھائيندي چيو ته ڪيس ڇڏي ڏيو. اوھان پنھنجي راءِ ٻڌايو. ثناءٌ اللھ بلوچ چيو ته جيڪڏھن ڪو چونڊ عمل جي انٽري پوائنٽ تي ڪوڙ ڳالھائي ته ان تي تاحيات نااھلي ھجي. جسٽس امين الدين خان چيو ته ڇا اوھان چوڻ چاھيو ٿا ته ھڪ شخص 24 سال جو آھي، چونڊ وڙھڻ جي لاءِ ھو چوي ته 25 ورھين جو آھيان ته ھو تحيات نااھل ھجي؟ چيف جسٽس مخدوم علي خان کي چيو ته مخدوم صاحب ڇا اوھان ڪنھن اھڙي ڌر کي سڃاڻون جيڪا تاحيات نااھلي جو حامي ھجي؟ شعيب شاھين چيو تھ شايد ھن وٽ ڪو پوائنٽ ھجي. ان دوران وڊيو لنڪ تي دليل ڏيندڙ وڪيلن کي چيف جسٽس روڪي ورتو ۽ چيو تھ اوھان جيڪڏھن ھن ڪيس ۾ سنجيدا آھيون ته اسلام آباد اچو. اسان اڄ ھن ڪيس کي ملتوي ڪنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي جو لکرايو جنھن ۾ چيو ويو ته ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سيڪشن 2/232 اليڪشن ايڪٽ 2013 جي حمايت ڪئي. ان کان علاوه اڪثر درخواست گذارن جي وڪيلن اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل جي موقف جي حمايت ڪئي. ان جي مخالفت خرم رضا درخواست گذار تاحيات نااھلي جي حمايت ڪئي. جيڪي سينيئر وڪيل ان معاملي ۾ عدالت جي معاونت ڪرڻ چاھين ٿا انھن کي ڀليڪار چئون ٿا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي خميس ساڍي يارھين وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. چيف جسٽس چيو ته پوءِ اسان ان تي معاون مقرر ڪنداسين. ھن ڪيس جي کي 11 جنوري تائين مڪمل ڪنداسين. ايندڙ ٻڌڻي تي سمورا وڪيل تياري ڪري اچن.