| هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ: اچو ته مسئلن جي حل لاءِ ويهي ڳالهايون: وفاقي سرڪار |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي کان پوءِ سينيٽ ۾ به قائد حزب اختلاف جي مقرري جو عمل مڪمل ٿي ويو. علامه راجا ناصر عباس اعلي ايوان ۾ قائد حزب اختلاف ٿي ويو۔ چيئرمين سينيٽ اجلاس جي شروعات ۾ علان ڪيو، جڏهن ته اجلاس کان اڳ مقرري بابت تفصيلي مشاورت پڻ ڪئي وئي۔ اجلاس ۾ حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر اپوزيشن کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي۔ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو ته ڳالهين ذريعي سمورن مسئلن جو حل ممڪن آهي، اچو ويهي ڳالهايون. چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس دوران چيئرمين سينيٽ ايوان ۾ قائد حزب اختلاف جي مقرري جو باضابطه اعلان ڪيو۔ چيئرمين جي هدايت تي علامه راجا ناصر عباس جي اپوزيشن ليڊر طور مقرري بابت نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو۔حڪومتي ميمبرن رانا ثناءٌ الله ۽ اعظم نذير تارڙ قائد حزب اختلاف جي مقرري کي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هن قدم سان ايوان ۾ جمهوري روايتن کي هٿي ملندي ۽ پارلياماني ماحول ۾ بهتري ايندي۔هن چيو ته وزير اعظم فلور آف دي هائوس تان ڳالهين جي دعوت ڏني آهي۔ جيڪڏهن گڏ ويهي ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي ته سڀ مسئلا حل ٿي سگهن ٿا۔ سياستدان ئي سياست ڪندا آهن، ڌرڻا به سياستدان هڻندا آهن ۽ مسئلن جو حل به سياستدانن وٽ ئي آهي۔ اچو جتان اپوزيشن چاهي، ڳالهه شروع ڪريون۔ هن يوم آزادي جي موقعي تي وزير اعظم جي موقف جو حوالو ڏيندي چيو ته ميثاق پاڪستان جي آڇ اڄ به موجود آهي۔ هڪ موقف حڪومت جو آهي ۽ ٻيو اپوزيشن جو پر حل صرف ڳالهين ۾ آهي۔