هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ جي ڪوشش وئي، هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام جو وڏو نقصان ٿيندو: بلاول ڀٽو زرداري

جنوري 17, 2024

لاڙڪاڻو / نئون ديرو( رپورٽ: نادر ابڙو /  نورمحمد سومرو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر ون يونٽ مڙهڻ جي ڪوشش وئي، هڪ شخص کي چوٿون ڀيرو مڙهيو ويو ته عوام جو وڏو نقصان ٿيندو. ان ڏس ۾ نئون ديرو هائوس ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي طرفان پي ايس 10 ۽ اين اي 194 جي ووٽرن، ڪارڪن، عهديدارن ۽ شهرين جي مان ۾ مانجهاندي جو بندوبست ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 2018ع ۾ اوهان مون کي ايم اين اي چونڊرايو ۽ جڏهن کان اوهان مون کي اها ذميواري ڏني منهنجي ڪوشش هئي ته توهان جي اميدن تي پورو لهان. توهان مون کي چونڊرائي قومي اسيمبلي ۾ موڪليو ته اسان پهرين ڏينهن کان جيڪو سليڪٽ ٿيل راڄ هو ان کي دنيا جي سامهون وائکو ڪري ڇڏيو ۽ تڏهن کان وٺي اسان جدوجهد ڪريون پيا. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي اها جماعت آهي جيڪا جمهوريت تي يقين رکي ٿي، جيڪا 18 هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي يقين رکندي آهي، اسان ڄمي انهن قوتن جو مقابلو ڪيو جيڪي توهان جي حقن تي ڌاڙو هڻي رهيا هئا، انهن جي جيڪا سازش هئي ته ون يونٽ هڪ ڀيرو ٻيهر قائم ڪيو وڃي ۽ مسلسل سليڪٽ ٿيل راڄ هلندو رهي اسان گڏجي ان سازش کي ناڪام بڻايو، اها پاڪستان پيپلز پارٽي ئي آهي، جيڪا هر دور ۾ پاڪستان جي آئين، جمهوري نظام جو بچاءُ ڪندي رهي آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جي جيالن جو هجي، اهو آمر ضياءُ جو آمراڻو دور هجي، وچ ۾ اهو دور جيڪو آءِ جي آءِ جو يا اميرالمومنين ٿيڻ جون جيڪي سازشون هيون اسان انهن کي به ناڪام ڪرايو، جيڪو مشرف جو دور هيو ان جو به مقابلو ڪيو ۽ جيڪو سليڪٽيڊ دور هو توهان پيپلز پارٽي جي جيالن مقابلو ڪيو. اڄ پاڪستان هڪ اهڙي جڳهه بيٺو آهي جتي هڪ طرف معاشي بحران آهي ته ٻئي پاسي معاشري ۾ هڪ بحران پيدا ڪيو ويو آهي، اسان جي سياست ۾ هڪ سياسي بحران آهي جيڪڏهن توهان سيڪيورٽي جو جائزو وٺندا ته اسان جي ڪچي کان وٺي پختونخواهه تائين، افغانستان جا جيڪي حالات آهن انهن جا اثر پاڪستان جو عوام ڀوڳي رهيو آهي ۽ هن وقت ڪنهن کي ڪو به احساس ناهي، ڪنهن کي ڪا به دلچسپي ناهي، ڪنهن کي ڪو به فڪر ناهي ته پاڪستان جو عوام ڪيتري تڪليف ۽ مشڪل ۾ آهي، انهن کي اندازو ناهي ته اسلام آباد ۾ ڪيل فيصلن جو اثر ڇا ٿيندو آهي، انهن کي اهو به اندازو ناهي ته انهن جي ڪيل فيصلن سان جيڪا تاريخي بيروزگاري، مهانگائي، غربت هن وقت پاڪستان ۾ آهي ۽ ان جو ٻوجهه هر پاڪستاني برداشت ڪري رهيو آهي ۽ اها تڪليف هر پاڪستاني محسوس ڪري رهيو آهي، غريب ويتر غريب ٿيندو ٿو وڃي ۽ امير وڌيڪ امير ٿيندو ٿو وڃي ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ جيڪو اڄ معاشي بحران آهي اوترو معاشي بحران اسان پنهنجي تاريخ ۾ ناهي ڏٺو، جيڪا اسان جي معاشري ۾ جيڪا نفرت ۽ ورهاست جي سياست هلي رهي آهي ان جو اثر به پاڪستان جي هر گهر تائين پهچي رهيو آهي هي گارين جي سياست کان شروع ٿيندي ذاتي دشمني جي سياست تي پهچي چڪي آهي توهان جنهن ايم آر ڊي، آءِ جي آءِ، امير المومنين ۽ مشرف جو وقت ڌٺو ته توهان کان وڌيڪ ڪنهن کي خبر هوندي ته جيڪا اڄ پاڪستان ۾ نفرت جي سياست، ذاتي دشمني جي سياست جي وجهه سان ٿي رهيو آهي ته اهو ڪيترو غلط ٿي رهيو آهي. جيڪي اڄ سمجهن ٿا ته جيڪا اها پنهنجي مخالفن سان ڪري رهيا آهن انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته سڀاڻي انهن سان به ائين ئي ٿيندو. ڪنهن کي ڪو به فڪر ناهي ته جيڪا پوليٽيڪل اسٽيبلٽي آهي جيڪا اسان جي معاشري ۾ اسٽيبلٽي سان گڏ جڙيل آهي جيڪڏهن اها ورهاست ۽ نفرت جي سياست وڌندي ويندي ته پاڪستان جو ڇا نقصان ٿيندو؟ عوام جو ڪهڙو ۽ ڪتيرو نقصان ٿيندو؟ وقاف جو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ اسان جي نظام جو ڪهڙو نقصان ٿيندو؟ ڪنهن کي ڪا دلچسپي ئي ناهي نه ئي ڪنهن کي ڪا فڪر آهي. جن دهشتگردن سان مقابلا جيڪي پيپلز پارٽي جي جيالن ڪيا هئا اهي دهشتگرد تنظيمون جن شهيد بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرايو، اهي دهشتگرد تنظيمون جن 18 آڪٽوبر 2007ع ۾ پيپلز پارٽي جي جيالن تي حملا ڪيا. اڄ تائين جيڪو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏو دهشتگردي جو واقعو هيو اهو ڪارساز سانحو آهي، اهي ئي دهشتگرد تنظيمون جن  اي پي ايس تي حملو ڪيو. انهن دهشتگردن جن ۾ اها صلاحيت ئي نه هئي ته اهي وري ٻيهر ان قسم جا حملا ڪن اهي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنڌ مٿي کڻي رهيا آهن. ۽ ڇو ڪنڌ مٿي کڻي رهيا آهن؟ ان لاءِ اسان بطور سياستدان اهو فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته جيڪي قربانيون اسان جي ملڪ جي عوام ڏنيون آهن انهن تي ڪمپرومائيز نه ڪنداسين ۽ انهن دهشتگردن سان ڳالهيون ڪنداسين، دعوت ڏينداسين ته اهي اچن اچن فاٽا ۾ ڪراچي ۾ گهڻي جڳهه آهي اتي اچو پنهنجو گهر ٺاهيو، اسان سوچيو ئي نه هو ته جڏهن اسان ڪابل وڃي چانهه پي رهيا هئاسين ۽ اسان جي ان فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستان کي ڪيترو ٻوجهه کڻڻو پوندو. اسان کي اندازو ئي نه هو ته جيڪي هڪ زماني ۾ امريڪا طالبان جي خلاف استعمال ڪيا هئا اهي هٿيار هڪ ڏينهن پاڪستان ۾ رهڻ وارن دهشتگرد تنظيمن وٽ به هوندا ۽ اهڙين حالتن ۾ مان اوهان کان پڇان ٿو ته ڇا توهان مطمئن آهيو پاڪستان جي سايستدانن کان، پاڪستان جي سياسي جماعتن کان پاڪستان جي حڪومت کان جيڪي اهڙين حالتن ۾ ڇا ڪري رهيا آهن؟ جيئن اوهان هميشه مشڪل وقت ۾ وڏن وڏن حادثن بعد اهان کي اها ذميواري ڏني ويندي آهي ته اچو هاڻِ اوهان سنڀاليو پاڪستان، ٽٽي ويو ملڪ اچو سنڀاليو پاڪستان، سڙي ويو ملڪ اچو سنڀاليو پاڪستان، هن ڀيري انشاالله پاڪستان کي پهريان کان چبڙنداسين انشاالله 8 فيبروري تي پاڪستان جي عوام کي هڪ نئين سوچ ڏينداسين هڪ اهڙي سوچ پاڪستان کي پورو پاڪستان هڪ ڪري تمام مسئلن جو مقابلو ڪنداسين. پر انشاالله فتح حاصل ڪنداسين. پاڪستان جو عوام انشاالله 8 فيبروري هميشه لاءِ هن نفرت ۽ ورهاست واري سياست کي دفن ڪندا. هوڏانهن  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ کي غربت، مهانگائي ۽ غربت مان ڪڍڻ لاءِ عام چونڊن جي سلسلي ۾ 10 نقاطي ايجنڊا تي مشتمل عوامي معاشي معاهدي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي عوامي معاشي معاهدي جي مهورتي تقريب شهر جي بيگم نصرت ڀٽو هال جناح باغ  ۾ ٿي گذري جنهن کي خطاب ڪندي  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري سڀ کان وڌيڪ آهي، سال 1976ع ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري 12 سيڪڙو هئي جيڪا هن وقت 3 سيڪڙو تي پهتي آهي، اسين حڪومت ۾ اچي پرڏيهي سيپڙپڪاري تي وڌيڪ زور ڏينداسين. هن چيو ته هن وقت پاڪستان ۾ 40 سيڪڙو عوام غربت جي لڪير هيٺ زندگي گذاري پيو، جن مزدورن جي اڳ اجرت 35 هزار روپيه هئي جنهن مان ان جو گهر خوش اصلوبي سان هلندو هيو جنهن ۾ هاڻي اهي به پريشان آهن ان لاءِ مزدورن جي اجرت ٻيڻ تي وڌائي 70 هزار روپيه ڪنداسين، اسان جي ڪوشش هوندي ته مزدور جي اجرت ۾ 100 سيڪڙو واڌ ڪيون پر ان جي طريقه ڪار تحت هر سال 8 سيڪڙو واڌ ڪئي ويندي، اسان مزدورن کي پنهنجي محنت جو صلو ڏينداسين، صنعتي مزدورن، پنهنجو ڪم يا ڪنهن دوڪان تي ڪم ڪندڙ، ريڙهي هلائيندڙ ۽ ميڊيا هائوس ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي مزدور ڪارڊ جي ذريعي پينشن، معذوري، اولڊ ايج، هيلٿ انشورنس جون سهولتون پهچائي انقلاب آڻينداسين. هن چيو ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي قومي ڌاري ۾ آڻڻ چاهيون ٿا انهن کي هٿيار ڦٽا ڪري انهن کي زميني حق ڏيڻ سان گڏ انهن جي عورتن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مالي مدد ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻوڏ سبب وڌيڪ 30 لک ماڻهو بي گهر ٿيا انهن جي گهرن جي تعمير ۽ انهن جي عورتن کي گهرن جا مالڪاڻا حقوق ڏيڻ جو سلسلو جاري هو. اسان بجلي جي مد ۾ غريب طبقي کي 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏ هر ضلعي ۾ ونڊ انرجي پارڪ جوڙينداسين ته جيئن بجلي جي مسئلو حل ٿئي. هن چيو ته 18 هين ترميم تحت 17 وزارتون ختم ڪيون وينديون جنهن جي سالياني بجيٽ 328 ارب روپيه ٿئي هئي ان مان پاڪستان جي ٽئڪس جو پئسو بچائي غريب ماڻهن تي خرچ ڪنداسين، گڏوگڏ اشرافيه کي ملندڙ 1500 ارب روپين جي سبسڊي ختم ڪري پاڪستان جي عوام ۽ هيٺين طبقي کي رليف فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته روينيو ۾ وڏي پئماني تي تبديلي آڻينداسين ته جيئن جي ايس ٽي صوبن کي ملي سگهي ۽ صوبا پاڻ ڀرا ٿي سگهن،

Leave A Comment