| هڪ ڏينهن بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿيندي ڏسنداسين: نثار کهڙو |
لاڙڪاڻو/ نئون ديرو: پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جو خطاب ڪندي چيو ته هن پارٽي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو قرباني ڏني، صدر زرداري 14 سال قيد ڪاٽيو ۽ اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پارٽي کي وڌائي رهيو آهي. پاڪستان جو عوام جمهوريت پسند، آئين جو رکوالو، انساني حقن جي ڳالهه ڪندا آهن، هي غريب مسڪينن، هارين، مقتول جي پارٽي آهي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به ختم نه ٿيڻ واري پارٽي آهي، اسان هن ملڪ جو رکوالو ٿيڻ چاهيون ٿا. پيپلز پارٽي هن ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن، جيل ويا، ڪوڙا کاڌا ته جيئن عوام طاقتور ٿئي. عوام پنهنجي ليڊرشپ جي چوڻ تي اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڻي، بک، بيروزگاري جو مسئلو هجي هر هنڌ اسان جي قيادت ساٿ ڏنو آهي، پيپلز پارٽي هميشه عوام جو ساٿ ڏنو آهي. پيپلز پارٽي جو عوام سان ساٿ جاري رهندو ۽ هڪ ڏينهن چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم ٿيندي ڏسنداسين.
| “نوڪريون ڏيو” ڳڙهي خدابخش ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوار جو احتجاج |
لاڙڪاڻو/نئون ديرو: شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مختلف شهرن جي سال 2021ع دوران آءِ بي اي ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن ڳڙهي خدا بخش ڀٽو شهيدن جي مزار تي حاضري ڀرڻ کان پوءِ احاطي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر کڻي نعريبازي پڻ ڪئي.ان موقعي تي اميدوارن صدام سانڊاڻو، فريد عباسي، عبدالغفار مغيري، جميل ڀٽو، محمد سليم مستوئي ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان سال 2021ع ۾ آءِ بي اي ذريعي پي ايس ٽي ۽ جي اِي ايس ٽي جي نوڪرين لاءِ ٽيسٽ ڏني هئي جنهن ۾ اسان 40 کان 50 مارڪون کڻي ميرٽ جي بنياد تي پاس ٿياسين، پر ان باوجود به اسان کي نوڪرين جا آرڊر ناهن جاري ڪيا ويا ۽ هٿ وٺي ويٽنگ لسٽ ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته 188 ڏينهن کان مسلسل سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر هن وقت تائين اسان کي آفر آرڊر جاري ناهن ڪيا ويا.
| ٽنڊي محمد خان واسي پورهيت ڪاٺ مان شهيد بينظير جو مجسمو ٺاهي ورتو |
ٽنڊو محمد خان(رپورٽر) ٽنڊو محمد خان واسي پورهيت مهاراج خوشحال داس جي ڪيل پورهيي سان شهيد بينظير ڀٽو جي ڪاٺ سان ٺهيل مجسمي جي پريس ڪلب ۾ نمائش ڪرائي وئي ، ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ حڪمت لقمانيا سٿ پاران ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد بينظير ڀٽو جي 18هين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ٽنڊو محمد خان جي ڳوٺ بجر خان ٽالپر جي اصل رهواسي پيرسن مجسما ساز پورهيت مهاراج خوشحال داس پنهنجي ٻن سالن جي ڪيل پورهيي سان ناياب ديال جي ڪاٺ سان ڪيل ڪاريگري تحت ايشيا جي عظيم ليڊر شهيد بينظير ڀٽو جي مجسمي جي نمائشي تقريب ذريعي رونمائي ڪئي وئي ، جنهن ۾ مجسما ساز پورهيت مهاراج خوشحال داس چيو ته شهيد بينظير ڀٽو نه صرف سنڌ ۽ پاڪستان جي عظيم عورت اڳواڻ هئي پر ان سان گڏ هُو ايشيا جي اندر پنهنجي قابليت کي تسليم ڪرائي دنيا جي سياسي عورت اڳواڻ جو اعزاز حاصل ڪيو ، دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ کيس تمام گهڻي مڃتا ملي هئي سندس عظيم شهادت جي سانحي تي دلي طور صدمو رسڻ کانپوءِ سندس مجسمي کي ڏکارو ٿي ٺاهڻ شروع ڪيو هو جيڪو ٻن سالن جي ڪيل پورهيي کانپوءِ ٺهي مڪمل ٿيو ، ٽنڊو محمد خان ۾ 18هين ورسي جي موقعي تي رونمائي ڪرائي پڻ مون کي خوشي ٿي آهي، مون کي انڊيا مان منهنجي ڀاءُ جي ذريعي ڀارت اچي مجسما ٺاهڻ جي پيش ڪش ڪئي وئي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو ته منهنجو جيئڻ مرڻ پنهنجي ماترڀومي سنڌ سان آهي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ڇڏي ڀارت نه ويندس ، ساھ جي آخري تند تائين سنڌ ۾ ساھ ڏيندس ، سول سوسائٽي جي ڊاڪٽر محمد علي ميمڻ چيو ته اسان پنهنجي حڪمت لقمانيه سٿ جي تعاون سان شهيد بينظير ڀٽو جي ناياب ڪاٺ واري ٺهيل مجسمي جي نمائش ڪرائي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ته جيئن سنڌ سرڪار جي ثقافت کاتي طرفان سنڌ جي هن جهوني پورهيت مجسما ساز ڪاريگر کي پذيرائي ملي سگهي ۽ سندس اڄوڪي هن مهانگائي واري دور ۾ مالي سهائتا ٿي سگهي، جنهن لاءِ صدر مملڪت آصف علي زرداري ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي پڻ پورهيت جي سهائتا لاءِ اپيل ڪجي ٿي، تقريب ۾ پورهيت جي فرزند اشوڪ ڪمار چيو ته بابا سائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي ڀٽي خاندان جو شيدائي رهيو آهي جنهن ۾ هن شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ 2 سال پورهيو ڪري مجسمو تيار ڪيو پر افسوس آهي ته ثقافت کاتي طرفان سندس ڪا به پرگهور نه لڌي وئي آهي جنهن لاءِ سرڪار کي اسان جي ابائي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ ڪو آرٽ گيلري يا ميوزم ٺهرائي هن مجسمي کي ان ۾ رکيو وڃي ته جيئن هن جي پذيرائي ٿي سگهي، تقريب کي سول سوسائٽي جي فيض سولنگي، محمد صديق ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو ، جڏهن ته ٽنڊو محمد خان جي مختلف چوڪن تي پڻ ڪاٺ جي ٺهيل مجسمي جي نمائش ڪئي وئي.
جيڪڏهن شهيد بي بي زندهه هجي ها ته پاڪستان اڄ الائي ڪٿي هجي ها: شيري رحمان
لاڙڪاڻو/ نئون ديرو: پيپلز پارٽي جي مرڪزي نائب صدر سينيٽر شيرين رحمان جو خطاب ڪندي چيو ته شهيد هميشه امر هوندا آهن جن جو جسم الڳ پر هو هميشه اسان سان گڏ هوندا آهن. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جهڙي اڳواڻ دنيا ۾ ڪٿي به نه ڏٺي،شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردار کي سڀئي سڃاڻيندا آهن، هن پاڪستان کي ڇا ڏنو سڀني ئي خبر آهي. جيڪڏهن شهيد بي بي زندهه هجي ها ته پاڪستان اڄ الائي ڪٿي هجي ها. شهيد محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته هو عوام جي وچ ۾ رهي پاڪستان کي سنواريندي. شهيد محترمه بينظير جي ڪردار کي ڏسون ته هن بدترين آمرين جو مقابلو ڪري جيل ڀوڳيو، تڪليفون برداشت ڪيون پر اُف به نه ڪيائين.
ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ جيالا برياني کڻي ايندڙ گاڏي پويان ڊوڙندا رهيا
نئون ديرو: شھيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي 18 هين ورسي جي مک تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ جيالا ۽ ڪارڪن ڊيوٽي تي موجود پوليس اهلڪارن لاءِ برياني کڻي ايندڙ گاڏي پٺيان جيالا ڊوڙندي نظر اچي رهيا آهن. برياني کڻي ايندڙ گاڏي تيزي سان روان دوان نظر اچي پئي. ڪيرائي جيالا گاڏي کي تيز اسپيڊ ۾ ويندي ڏسي واپس روانا ٿي ويا.