| هڪ ڏينهن پي ايس ايل دنيا جي نمبر ون ليگ بڻجندي: محسن نقوي |
لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جو چوڻ آهي ته اهو وقت پري ناهي جڏهن پي ايس ايل دنيا جي نمبر ون ليگ بڻجي ويندي. پي سي بي بورڊ آف گورنرز جو 82 هون اجلاس چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ مالي سال 2024-25 جي سالياني آڊٽ ٿيل مالي بيانن جي باضابطه منظوري ڏني وئي.اجلاس ۾ آءِ سي سي گلوبل اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي مطابق پي سي بي جي طريقيڪار ضابطن، جده ۾ ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ترقي لاءِ سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن سان تعاون ۾ دلچسپي، ۽ لاهور جي زونز جي ٻيهر حد بندي ۽ جاگرافيائي حدن جي روشني ۾ نالن جي جائزي جي منظوري ڏني وئي، ۽ پي ايس ايل 11 لاءِ ٽيمن جي رڪارڊ نيلامي تي شڪرگذاري جو اظهار ڪيو ويو.اجلاس کي خطاب ڪندي پي سي بي جي چيئرمين محسن نقوي چيو ته پي ايس ايل سيڙپڪاري لاءِ بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪي آهي ۽ اهو وقت پري ناهي جڏهن پي ايس ايل دنيا جي نمبر ون ليگ بڻجي ويندي.اجلاس ۾ بورڊ آف گورنرز جي ميمبرن، پي ايس ايل جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ظهير عباس ۽ سيڪريٽري ڪابينا آن لائن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.