“ هڪ گرمي ٻيو بجلي بند” ملڪاڻي شريف ۾ هڙتال، ڌرڻو

مَي 26, 2023

ملڪاڻي شريف ( ن پ ا) ملڪاڻي شريف جا شهري بجلي جي ڊگهي لوڊشينڊنگ  مان تنگ ٿي ڪاروبار بند ڪري رستن تي اچي ويا، ڌرڻو هنيو ويو

صفيان ملڪاڻي نياز محمد لغاري حاجي عبدلرزاق ملڪاڻي فرحان لغاري ماجد لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  حيسڪو خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي شهر  جو گشت ڪرڻ بعد ڌرڻو هنيو ويو

اڳواڻن  جو چوڻ هو ته حيسڪو جي راشي عملي بناجواز روزانو بجلي بند ڪري اسان جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي سخت گرمي ۾ اسان مشڪلاتن جو شڪار آهيون

احتجاج ڪندڙن چيو ته حيسڪو جي ناانصافي سبب اسان ڪاروبار بند ڪري رستن تي اچي ويا آهيون، وس وارا معاملي جو نوٽيس وٺي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرائن ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

Leave A Comment