هڱورنو اسڪول ۾ راندين جو هفتو، ڪرڪيٽ ۾ نائون ڪلاس چيمپئن، ڏهين ڪلاس کي شڪست

هڱورنو اسڪول ۾ راندين جو هفتو، ڪرڪيٽ ۾ نائون ڪلاس چيمپئن، ڏهين ڪلاس کي شڪست

سنڌڙي (رپورٽ: اسد شر) گورنمنٽ بوائيز ھائير سيڪنڊري اسڪول ھڱورنو ۾ راندين جو ھفتو ملھايو ويو. ڇھين کان ڏھين ڪلاس جي شاگردن وچ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ، رننگ، لانگ جمپ ۽ ملاکڙي جا مقابلا ٿيا. نائين ۽ ڏھين ڪلاس جون ٽيمون ڪرڪيٽ جي فائنل ۾ پهتيون. ڏھين ڪلاس ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نائين ڪلاس جي ٽيم 6 اوورن ۾ 112 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. محمد قاسم 27 ۽ ديوڌر کتري 9 بالن ۾ 30 اسڪور ڪيو. ڏهين ڪلاس جي ٽيم نائين ڪلاس جي بالرن آڏو بيوس نظر آئي. منصور خاصخيلي ۽ عطاءاللّہ مري جي جوڙي ڇڪن جي برسات ڪئي پر عطاءاللّہ مري جي آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ بيٽنگ نه هلي ۽ ٽيم صرف 60 اسڪور ٺاھي سگھي. لانگ جمپ ۾ اٺين ڪلاس جي شاگرد گلاب راء 15 فوٽ جو سڀني کان ڊگھو جمپ لڳائي پهرين پوزيشن، نائين ڪلاس جي امجد حسين 14 فوٽ ڊگھو جمپ لڳائي ٻي ۽ اٺين ڪلاس جي ديوراج ميگهواڙ 13 فوٽ 6 انچ ڊگھو جمپ ڏئي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي. ڊوڙ جي مقابلي ۾ ڪلاس نائين جي شاگرد عبدالرزاق نوھڙي پھرين،ٻي پوزيشن قربان علي بروهي ۽ ٽين پوزيشن ونود ڪمار جاٽ حاصل ڪئي. ملاکڙي ۾ شفقت علي مري، عرفان علي نوھڙي، جادم حسين شر ۽ امير بخش شر زور آزمائي ڪئي، سخت مقابلي بعد پوئين ملھ جادم علي شر کي امير بخش شر دسي سرسي حاصل ڪئي. رانديون اسڪول جي ھيڊ ماستر غلام فاروق بروھي جي نگراني ۾ ٿيون. مهمان خاص سابق ٽي اي او  سيڪنڊري اسڪولز مصطفیٰ جمال پنھور ۽ ايس ايم سي چيئرمين ميان ڪليم الله هاليپوٽو، سائين شهباز علي جوڻيجو، سيٺ ڀڳوانداس کتري، ممتاز علي سومرو هئا. شاگردن ۾ ميڊلز ورھايا ويا.