وائس چانسلر کان حياتي کي خطرو آهي: خاتون ملازم جي درخواست

مَي 28, 2025

ڪراچي (رپورٽر) بينظير ڀٽو شهيد يونيورسٽي لياري ڪراچي جي اسسٽنٽ رجسٽرار ايڊمن محسنه سڪندر کي ملندڙ  ڌمڪين وارو معاملو، اسسٽنٽ رجسٽرار ايڊمن محسنه سڪندر پاران سيشن ڪورٽ ڪراچي سائوٿ ۾ تحفظ جي درخواست داخل ڪرائڻ بعد عدالت پاران جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي ڪلاڪوٽ لياري ٿاڻي جي پوليس کان 31 مئي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

ان حوالي سان درخواستگذار محسنه سڪندر پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته مون کي مڙس سميت يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سيد محسن مهدي، رجسٽرار رضا حيدر نديم ۽ سندن ساٿين ابراهيم، عمير بيگ ۽ خرم شاڪر مان حياتي کي خطرو آهي.

درخواستگذار اسسٽنٽ رجسٽرار پاران درخواست ذريعي عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته جوابدارن خلاف اڳ ئي يونيورسٽي جي هڪ استاد پاران غير قانوني طور ڀرتي ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو. هن وڌيڪ چيو ته ڄاڻايل جوابدارن غير قانوني حڪم نه مڃڻ تي کيس ڌمڪايو ۽ سندس مڙس کي اغوا ڪري مارڻ جو ڌمڪيون ڏنيون.

اهڙي درخواست بعد عدالت پاران  جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي ايس ايڇ او ڪلاڪوٽ لياري کان 31 مئي تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ ۾ پلاسٽڪ ٿيلهين تي پابندي، عوام اڻڄاڻ

  • حڪومت پئٽرول جا اگهه وڌائي ڇڏيا

  • رستم: ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا مبينا اغوا

  • شڪارپو مان اغوا ٿيل نينگر بازياب