وائيس چانسلرن کي ڌاڙيل چوڻ تي خواجه آصف معافي وٺي ڇڏي

جُون 16, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ)  بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف وائيس چانسلرن بابت ڌاڙيل جو لفظ استعمال ڪرڻ تي ايوان کان معذرت ڪري ڇڏي

خواجه آصف چيو ته اڄ اسان جي ملڪ ۾ ڪرپشن هڪ روايت بڻجي وئي آهي، درسگاهن ۾ هن ايوان کان وڌيڪ سياست آهي

وفاقي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪندي چيو ته منهنجا نامناسب لفظ حذف ڪيا وڃن

اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته پارليامينٽ جا ميمبر قوم لاءِ رول ماڊل هوندا آهن، مون کي اڃا تائين  وائيس چانسلر جو ڪو خط نه مليو آهي، خواجه آصف وڏ پڻ جو  مظاهرو ڪيو

Leave A Comment