| وائٽ هائوس جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو: ٽيلر سوئفٽ جو گانو ٻڌي مداح ناراض |
نيويارڪ(شوبز نيوز) وائٽ هائوس جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ آمريڪي گلوڪاره ٽيلر سوئفٽ جو گانو ٻڌي مداحن ناراضگي جو اظهارڪري ورتو، تازو وائٽ هائوس جي آفيشل ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ نئين وڊيو شيئر ڪئي وئي آهي. وڊيو پنهنجي بيڪ گرائونڊ ميوزڪ جي ڪري سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو، ڇو ته بيڪ گرائونڊ ۾ ٽيلر سوئفٽ جو مشهور گانو “دي فيٽ آف اوفيليا” شامل هو. مداحن وائٽ هائوس جي ٽڪ ٽاڪ وڊيو ۾ ڳائڻي جو گانو ٻڌي ناراضگي جو اظهار ڪيو، ان جو سبب ماضي ۾ ٽيلر سوئفٽ بابت ڊونلڊ ٽرمپ جي سوشل ميڊيا تي ڪيل پوسٽ هئي. ياد رهي ته صدارتي چونڊ کان اڳ جڏهن آمريڪي گلوڪاره ٽيلر سوئفٽ ڪملا هيرس جي حمايت جو اعلان ڪيو هو ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم “ٽرٿ سوشل” تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو هو ته مون کي ٽيلر سوئفٽ کان نفرت آهي، هو هاڻي هاٽ ناهي رهي، هاڻي مداحن جو چوڻ آهي ته گلوڪاره کي ان وڊيو جي بيڪ گرائونڊ تان پنهنجو گانو ڊليٽ ڪرائڻ گهرجي.