| وات کولي چڪاس: ٺٽي جا 157 پوليس اهلڪار گٽڪي مائي جا موالي، پگهارون بند |
ٺٽو (رپورٽر) ٺٽي جي ايس ايس پي گٽڪي مائي واپرائيندڙ 157 پوليس اھلڪارن خلاف ڪاروائي ڪندي سندن پگھارون بند ڪري ڇڏيون آھن ان ڏس ۾ ٺٽي جي ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي ضلعي اندر گٽڪي مائي ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ تيزي آڻڻ سان گڏ گٽڪي مائي واپرائيندڙ پوليس اھلڪارن خلاف پڻ ڪاروائي جي شروعات ڪندي 157 پوليس اھلڪارن جي پگھار بند ڪري ڇڏي، پوليس ترجمان جي جاري ڪيل پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻائيندي چيو آھي ويو ته 157 پوليس اھلڪارن پاران گٽڪي مائي واپرائڻ جي نشاندھي ٿيڻ بعد محڪماڻي طور تي نظم و ضبط کي يقيني بڻائيندي سندن خلاف فوري طور قدم کڻي پگھارون بند ڪيون ويون آھن جڏھن ته پوليس اھلڪارن کي پڻ سختي سان ھدايت ڪئي وئي آھي ته ھو پيشي وراڻي ذميواري جي ادائيگي وقت توڙي عوامي زندگي ۾ پڻ پابندي مڙھيل شين جي استعمال کان پاسو ڪن ڇاڪاڻ جو گٽڪي مائو نہ رڳو صحت لاءِ ھاڃيڪار آھي پر ان جو استعمال بہ سرڪاري حڪمن جي خلاف ورزي طور آھي