| وارثي سرٽيفڪيٽ سيشن جج بجاءِ نادرا جاري ڪندي: ميري ٽائيم پوليس قائم ڪرڻ جي تجويز |
ڪراچي(رپورٽ: شاھد ميراڻي) سنڌ اسيمبلي مالڪاڻا حق ۽ وارثي سرٽيفڪيٽ ترميمي بل اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو، ايوان پاران فيلڊ مارشل عاصم منير کي دفاعي فوجن جو پهريون سربراهه ٿيڻ تي مبارڪبون ڏنيون ويون، ڪالهوڪي اجلاس ۾ قانون ۽ پارلياماني معاملن واري وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ ليٽر اينڊ سڪسيشن سرٽيفڪيٽ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو، قانون واري وزير چيو ته هي قانون ماڻهن جي سهولت لاءِ ٺاهيو پيو وڃي. اڳ ۾ وارثي سرٽيفڪيٽ سيشن جج پاران جاري ڪيو ويندو هو، جيڪو هاڻي نادرا ذريعي جاري ڪيو ويندو. سنڌ اسيمبلي ترميمي بل جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان ۾ گهرو وزير ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس جي جواب ۾ سمنڊ ڪناري تي سياحن کي بچائڻ لاءِ نئين ميري ٽائيم پوليس فورس قائم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي. ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر راشد خان پوائنٽ آف آرڊر تي چيو ته صدر آصف علي زرداري فيلڊ مارشل عاصم منير کي دفاعي فوجن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جو باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. انهي عمل سان ملڪ جو دفاع ۽ جمهوريت مضبوط ٿيندي انهي پوائنٽ آف آرڊر دوران پي ٽي آءِ جي حمايت يافتا ميمبرن گوڙ ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته ماڻهو ڪيئن پنهنجون نوڪريون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن؟ آئون ڪنهن کي به مبارڪباد نه ڏيندس. اجلاس ۾معدنيات جي پارلياماني سيڪريٽري محمد يوسف بلوچ معدنيات کاتي بابت جواب ڏيندي چيو ته سنڌ ۾ معدنيات بابت سروي ايندڙ سال ٿيندي، هن چيو ته ڪراچي ۾ سمنڊ مان لوڻ نه پيو ٺاهيو وڃي . بعد ۾ اسپيڪر اجلاس سومر تي 3 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو