ڪنڌڪوٽ/وارث ڏنو ماڇي(ن پ و) وارث ڏنو ماڇي جو مغوي نوجوان وقار جوڻيجو بازياب ٿي گهر پهچي ويو جڏهن ته ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ٻن ٻارڙن سميت 3 ڄڻڻ جي بازيابي لاءِ احتجاج جاري آهي
وارث ڏنو ماڇي ويجهوڳوٺ وليداد گابر مان اغوا ٿي ويل نوجوان وقار جوڻيجو کي وارث ڏنو ماڇي پوليس مقابلي دوران بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي وئي آھي
پوليس موجب ڳوٺ وسايو ڀٽو ڀرسان پنهون ڀٽي لنڪ روڊ تان رات دير سان مقابلي دوران مغوي وقار جوڻيجو کي بازياب ڪرايو ويو آهي جڏهن ته 6 نامعلوم ڏوهارين خلاف سرڪاري فرياد ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي
ٻئي طرف ڪنڌڪوٽ ۾ اغوا ٿي ويل 3 سالا معصوم ٻار محمد عظيم ميڻڪ،2 سالن جي نينگري ڪوثر کوسو سميت 14 مغوين جي آزادي لاءِ بک هڙتال جاري آهي
ان موقعي تي سيٺ نند لال،اڪرم باجڪاڻي،انجنيئر لال ۽ ٻين چيو ته هندو پئنچائت هندو برادري پنهنجي مسلمان ڀائرن سان گڏ آهي، ائين ڪوبه نه سمجهي ته سمرت جي آزادي بعد هي بک هڙتالي ڪئمپ ختم ڪئي ويندي