وارث ڏنو ماڇي(ن پ و) وارثڏنو ماڇي ۾ زميني تڪرار تان قتل ٿي ويل نوجوان جو جرڳو ڪري ڏوهاري ڌر مٿان 30 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو
ڳوٺ وڏا ٻوسڻ ۾ ٻه مهينا اڳ زميني تڪرار تان ٻوسڻ برادري جي ٻن ڌرين جي جهيڙي ۾ قتل ٿيل نوجوان 16سالا نظير ولد ڪريم داد ٻوسڻ جي خون جو جرڳو سردار علي نواز گهانگهرو جي سرپئنچي ۾ ڪيو ويو
جرڳي ۾ صدام ٻوسڻ جي ڌر مٿان خون ثابت ٿيڻ تي 30 لک روپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن بعد ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي ويون آهن.
ڌرين کي فيصلي لاءِ راضي ڪرڻ ۾ علائقي جي معززين اهم ڪردار ادا ڪيو، ڏهن کان مٿي ميڙ منٿ جا قافلا ويا هئا جنهن بعد ڌريون فيصلي لاءِ راضي ٿيون ۽ هڪ دفعو ٻيهر علائقي م امن امان بحال ٿيو آهي