وارنر جي سينچري، ڪوهلي کي پوئتي ڇڏي ويو

وارنر جي سينچري، ڪوهلي کي پوئتي ڇڏي ويو

ميلبورن (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا جي اڳوڻي ڪرڪيٽ ليجنڊ ڊيوڊ وارنر هڪ ڀيرو ٻيهر رڪارڊ قائم ڪيو آهي پر اهو سندس ٽيم لاءِ فائديمند نه ٿيو. بگ بيش ليگ جي 37 هين ميچ ۾، سڊني ٿنڊر جي ڪپتان ڊيوڊ وارنر 65 بالن تي 110 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي. هي سندس ٽي 20 ڪيريئر جي 10 هين سينچري هئي ۽ ان سان گڏ، هو ويرات ڪوهلي کي پوئتي ڇڏي ٽي 20 ۾ سڀ کان وڌيڪ سينچريون ٺاهيندڙن جي فهرست ۾ ٽيون نمبر کڻي ويو. هن لسٽ ۾ بابر اعظم 11 ۽ ڪرس گيل 22 سينچرين سان ڊيوڊ وارنر کان اڳتي آهن. بهرحال، بدقسمتي سان، ڊيوڊ وارنر جي سينچري سندس ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهي