| وارن وارو ڏيڏر: چنبا ٺاهي شڪارين تي حملا ڪري ٿو |
جوهانسبرگ (انٽريسٽنگ نيوز) آفريڪا ۾ هڪ عجيب ڏيڏر آهي، جنهن کي “وارن وارو ڏيڏر” يا “وولورين مينڊڪ” چيو ويندو آهي، جيڪو “ايڪس مين” ۾ وولورين ڪردار سان مشابهت پڻ رکي ٿو. هن ڏيڏر جو سائنسي نالو Trichobatrachus robustus آهي. ڏيڏر جي حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهو پنهنجن هڏن کي ٽوڙي، چنبو ٺاهي ٿو، بلڪل ايڪس مين جي وولورين وانگر. اهو ڏيڏر وچ آفريڪا ۾، خاص طور تي ڪيمرون، ڪانگو، نائيجيريا ۽ ايڪوائيٽرل گيني جي گرمنم جي وڻن واري جنگلن ۾ ملي ٿو. اهو دنيا جي انهن جانورن مان آهي جيڪي ڄاڻايل طريقي سان پنهنجي هڏين کي ٽوڙي “هٿيار” ٺاهين ٿا، جڏهن ڏيڏر کي خطرو محسوس ٿيندو آهي، ته اهو پنهنجي پوئين چنبي جي اندروني هڏين کي زور سان ٽوڙي ٿو، جنهن کان پوءِ هڏن جا چهنبدار ڇرا جسم کي چيري ٻاهر نڪري اچن ٿا. ان کان پوءِ ، اهي هڏا چنبن جي شڪل ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا، جيڪي دفاع لاءِ موثر “هٿيار” بڻجن ٿا. اهڙا ڏيڏر، پنهنجي هڏين کي ٽوڙي، عارضي چنبا ٺاهي وٺندا آهن، جيڪي شڪاري کان بچڻ يا حملو ڪرڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا. جڏهن خطرو ختم ٿي ويندو آهي، ته ڏيڏر جا چنبا واپس جسم ۾ داخل ٿي وڃن ٿا ۽ زخم به ڀرجي وڃن ٿا.