ملير (رپورٽ: ناز شر) وارهه سان تعلق رکندڙ نياڻي ماهه نور سومرو ڪراچي ۾ برگر جو ريڙهو لڳائي بيمار والد ۽ گهرڀاتين جو سهارو بڻجي وئي
ماهه نور سومرو والدين تي بار بڻجڻ بدران گلشن حديد ۾ روڊ تي برگر جو ريڙهو هڻي پنهنجو عزت ڀريو روزگار شروع ڪري ڇڏيو آهي
نياڻي جو چوڻ آهي ته مان پنهنجي تعليم سان گڏ پنهنجي بيمار پيءُ جو علاج ۽ گهر جو چرخو هلائڻ لاءِ برگر جو ريڙهو لڳايو آهي
هن چيو ته سنڌ جي نياڻين کي به گذارش آهي ته اهي اڳتي اچن ۽ پنهنجو ڪاروبار ڪري ڪاميابيون حاصل ڪن
ماهه نور ٻڌايو ته آئون بي ايس سي جي شاگردياڻي آهي، هن چيو ته گهرڀاتين کي به گهرجي ته اهي نياڻين جي حوصلا افزائي ڪن ۽ کين موقعا ڏين
ماهنوار چيو ته انتظاميا پاران ريڙها هٽرايا ويندا آهن اهو نه ڪيو وڃي، اسان محنت ڪري روزگار شروع ڪري رهيا آهيون ۽ هي اهو روزگار ختم ڪرائي رهيا آهن