وارهه واسي مقتول ڳوٺاڻي جو لاش نه مليو، وارثن کي ڌمڪيون

وارهه واسي مقتول ڳوٺاڻي جو لاش نه مليو، وارثن کي ڌمڪيون

نصيرآباد (ن پ ا) وارهه جي  ڳوٺ رمضان بروهي جي رهواسي مسمات نور بيبي بروهي ۽ ابو بڪر بروهي پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت پاڪ کڻي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو ته سندن پٽ علي احمد بروهي ٽي سال اڳ سچل ٿاڻي لاڙڪاڻو جي حد مان گم ڪيو ويو هيو، جنهن کي جوابدارن قتل ڪري لاش رائيس ڪئنال ۾ اڇلائي ڇڏيو، هنن چيو ته هن وقت تائين پوليس لاش هٿ نه ڪري سگهي آهي، ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.