وارهه ويجھو پوليس جوابدار فل فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

وارهه ويجھو پوليس جوابدار فل فراءِ ڪري ڇڏيو، مقابلي جي دعويٰ

وارهه (ن پ ا) وارهه ڀرسان پوليس طرفان مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي مارجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، ان حوالي سان پوليس موجب ٻن پوليس اهلڪارن عبدالرحمان ڀٽي، يار علي لاشاري جي قتل سميت سنڌ بلوچستان ۾ دهشت جي علامت بڻيل جوابدار مشتاق عرف مستو چانديو وارهه ٿاڻي جي حد حمل روڊ تي مقابلي ۾ مارجي ويو آهي، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار قمبر شهدادڪوٽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ٻن پوليس اهلڪارن جي قتل سميت ڌاڙن، اغوائن ۽ ٻين سنگين 19 سنگين ڪيسن ۾ گهربل هيو، جڏهن ته ايس ايس پي قمبرشهدادڪوٽ طرفان مقابلي ۾ حصو وٺندڙ کي روڪ رقم ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي، ٻي طرف ٻئي طرف مارجي ويل مشتاق چانڊيو جي وارثن پوليس مقابلي کي جڙتو قرار ڏيندي چيو ته مختلف ٿاڻن جي پوليس سندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري مشتاق عرف مسطو کي گرفتار ڪرڻ بعد جڙتو مقابلي ۾ کيس پوليس قتل ڪيو آهي.