وارهه ۾ سيپڪو جي مبينا لاپرواهي سبب فوت ٿيل نوجوان جي وارثن کي ڌمڪيون: مظاهرو: ڌرڻو

وارهه ۾ سيپڪو جي مبينا لاپرواهي سبب فوت ٿيل نوجوان جي وارثن کي ڌمڪيون: مظاهرو: ڌرڻو

وارهه (ن پ ا) وارهه ۾ 11هزار ڪي وي لائين بجلي ٺاهيندي ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويل سيپڪو جي خانگي ملازم ماجد ابڙو جي خون سان انصاف لاءِ سندس وارثن حفيظ الرحمان ابڙو،محسن رضا ابڙو، عمران ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ 6هين ڏينهن به احتجاجي سلسلو جاري رکندي فوتي نوجوان جا معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري شهر  جي فاضل راهو چوڪ تي انصاف لاءِ ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي ۾ پ پ اڳواڻ رياض الدين ابڙو، سماجي اڳواڻ نياز حيدري،وقار چولياڻي ،غلام مصطفيٰ گورگيج ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيو ته هفتو اڳ سيپڪو عملدارن سندن نوجوان ماجد ابڙو کي بجلي ٺاهڻ لاءِ  ٿنڀي تي چاڙهي شٽ ڊائون وٺڻ باوجود بجلي هلائي ڪرنٽ هڻي  کيس قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو ڪيس وارهه ٿاڻي تي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس جوابدار گرفتار نه ٿي ڪري، هنن چيو ته ڪيس ۾ نامزد جوابدارن نجم گاڏھي، صديق ڀٽو ۽ روشن تنيو بااثر آهن، ايس ڊي او اسلم ابڙو ۽ ٻيا ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ کين ڌمڪائي رهيا آهن، هنن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ، وزير اعليٰ سنڌ، گهرو وزير ۽ ٻيا نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري تحفظ فراهم ڪري انصاف ڪن.