وارهه ( ن پ و) وارهه ويجهو جوابدارن نوجوان کي بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو
ڳوٺ زوار چولياڻي ۾ جوابدارن گهر ۾ ستل 22 ورهين جي محمد يامين چولياڻي مٿان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪرڻ بعد سسي ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيو
واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺڻ بعد اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو
پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي