واشنگٽن ۾ تقريب دوران ٽرمپ تي مبينا حملي جي ڪوشش، فائرنگ، جوابدار گرفتار، ايران ملوث نه آهي: آمريڪي صدر

واشنگٽن ۾ تقريب دوران ٽرمپ تي مبينا حملي جي ڪوشش، فائرنگ، جوابدار گرفتار، ايران ملوث نه آهي: آمريڪي صدر

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي راڄڌاني ۾ صدر ٽرمپ تي حملو ڪيو ويو، صحافين جي مان ۾ سالياني تقريب ۾ فائرنگ ڪئي وئي، پروگرام ڊانوان ڊول ٿي ويو، ڪو جاني نقصان نه ٿيو، آمريڪي سيڪريٽ سروس جي اهلڪارن هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو هٿيار هٿ ڪري ورتا. مليل اطلاعن موجب وائٽ هائوس جي صحافين جي ايسوسيئيشن جي سالياني ڊنر جي تقريب  وائيٽ هائوس جي ڀرسان هلٽن هوٽل ۾ ٿي رهي هئي ته اوچتو فائرنگ جا آواز آيا جنهن تي ٽاڪوڙو مچي ويو ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتون اول ميلانيا ٽرمپ کي سيڪيورٽي اداري فوري طور تي محفوظ هنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب تقريب واشنگٽن هلز ۾ جاري هئي ته اوچتو زوردار ڌماڪن  جا آواز ٻڌا ويا جنهن تي سيڪيورٽي اهلڪارن فوري طور تي موجود ماڻهن کي ڪرسين تان لهي هيٺ لڪڻ جي هدايت ڏيندي صدر ٽرمپ کي گهيري ۾ آڻي مرڪزي اسٽيج تان ٻاهر وٺي ويا. ٻاهر ويندي صدر ٽرمپ اسٽيج تي ڪري پيو رپورٽن موجب سيڪيورٽي جي خصوصي يونٽ ڪائونٽر اسالٽ ٽيم جي هٿياربندن اسٽيج جو گهيرو ڪري ورتو ۽ هال جي پٺين پاسي کان هٿيار کڻي الرٽ ٿي بيهي رهيا. انهي دوران مهمان خوف سبب ميزن جي هيٺيان لڪي ويا جڏهن ته ڪجهه کي تيزي سان ٻاهر ڪڍيو ويو. واقعي کان پوءِ اعليٰ اختيارين کي به فوري طور تي ٻاهر ڪڍيو ويو. جن ۾ آمريڪي  خاتون اول ميلانيا، نائب آمريڪي صدر جي ڊي وينس، آمريڪي ڪابينه جي ميمبرن، اسپيڪر سميت بچاءُ وزير پيٽ هيگسيٿ ۽ ڪاش پٽيل شامل آهن. اکين ڏٺن شاهدن موجب تقريبن پنج گولين جا آواز ٻڌا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي اهلڪارن هڪ شڪي شخص کي گرفتار ڪري ورتو. مبينه طور تي هڪ شوٽر کي گوليون هڻي مارڻ جون به خبرون هلايون ويون پر پوءِ ان جي ترديد ڪئي وئي. عمارت کي چئني پاسن کان سيڪيورٽي اهلڪارن گهيري ورتو جڏهن ته فضا ۾ هيليڪاپٽر به گردش ڪندا رهيا. واقعي کان پوءِ هال ۾ موجود  ماڻهن کي ڪجهه دير تائين لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ رکيو ويو جڏهن ته ماحول ۾ شديد خوف هراس پکڙيل هو. صدر ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي. خاتون اول، نائب صدر ۽ سمورا ڪابينه جا ميمبر مڪمل طور تي محفوظ ۽ خيريت سان آهن. ذريعن جو چوڻ آهي گرفتار هٿياربند شڪي شخص جي سڃاڻپ ڪول ٽوماس ايلن جي نالي سان ٿي آهي جيڪو ڪيليفورنيا جو رهواسي 31 ورهين جو شهري آهي. گرفتار جوابدار جاچ دوران بيان ڏنو ته منهنجو اصل هدف ڊونلڊ ٽرمپ هو ۽ ٽرمپ انتظاميه جي اختيارين کي نشانو بنائڻ جو ارادو هو. آمريڪي خابرو اداري سي اين اين موجب جوابدار کي تقريب جي دوران گرفتار ڪيو ويو جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي ادارن فوري ڪارروائي ڪندي صورتحال کي ڪنٽرول ڪري ورتو. واقعي بابت شڪي شخص جي تصوير آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي به شيئر ڪئي وئي. جاچ جو سلسلو جاري آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ ۾ اها به خبر پئي آهي ته جوابدار جو ڪوبه اڳوڻو ڪرمنل رڪارڊ موجود نه هو جنهن سيڪيورٽي ادارن جي لاءِ معاملي کي وڌيڪ ڏکيو بنايو آهي. ايف بي آءِ ٽيم شڪي شخص جي گهر کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. حملي ۾ هڪ سيڪريٽ آفيسر جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن جنهن جي تصديق آمريڪا ۾ برطانيا جي سفير ڪئي. واقعي کان پوءِ، آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته وائيٽ هائوس ڪراسپونڊنٽس جي ڊنر تي حملو ڪندڙ ۽ فائرنگ ڪندڙ شڪي شخص اڪيلو هو. جڏهن هڪ رپورٽر پڇيو ته ڇا هو پنهنجي حفاظت بابت پريشان هو ۽ ڇا اهو واقعو ايران ۾ جنگ سان لاڳاپيل ٿي سگهي ٿو؟ ٽرمپ جواب ڏنو ته مون کي ائين نه ٿو لڳي، پر توهان ڪڏهن به پڪ سان ڪجهه نه ٿا چِئي سگهو. اسان کي تمام جلد وڌيڪ معلومات ملندي. اسان وٽ دنيا جا بهترين ماڻهو ان تي ڪم ڪري رهيا آهن. ٽرمپ وڌيڪ چيو ته اسان کي ايران تي ڪارروائي ڪرڻي پوندي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اسان ائين نه ڪيو ته انهن کي ايٽمي هٿيار ملندا. اسان بي-2 بمبارن سان ڪارروائي ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته جڏهن توهان اهڙي ڪارروائي ڪندا آهيو، ته توهان پاڻ هڪ نشانو بڻجي ويندا آهيو. جيڪڏهن مان اهو سڀ ڪجهه نه ڪريان ها ته شايد مان گهٽ نشانو هجان ها، پر مون کي فخر آهي ته مان ڇا ڪري رهيو آهيان.مايوس نه آهيان. هي واقعو مون کي ايران خلاف جنگ کٽڻ کان روڪڻ وارو ناهي.