واشنگٽن ۾ مسافر جهاز ۽ فوجي هيليڪاپٽر ٽڪرائجي ويا، 67 ڄڻا فوت
جنوري 31, 2025
واشنگٽن (م ڊ) واشنگٽن ايئرپورٽ ڀرسان مسافر جهاز ۽ فوجي هيلي ڪاپٽر پاڻ ۾ ٽڪرائجي درياءَ ۾ ڪري تباهه ٿي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ سوار سمورا 67 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو آپريشن مڪمل، ڪو به ماڻهو بچي نه سگهيو، پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي ايئر لائن جي اڏام ڪينساس جي شهر وڪيٽا کان واشنگٽن پهتي هئي ۽ رن وي ڀرسان حادثو پيش آيو. فوجي هيلي ڪاپٽر سان ٽڪرائجڻ کانپوءِ مسافر جهاز پوٽوميڪ درياهه ۾ ڪِري پيو، جنهن کانپوءِ درياهه ۾ ٽوٻن کي مقرر ڪيو ويو. آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي جو شڪار جهاز ۾ 64 مسافر سوار هئا، اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروائيون شروع ڪيون ويون سمورن ماڻهن جا لاش هٿ ڪيا ويا، هوڏانهن آمريڪي فوجي اختيارين موجب مسافر جهاز سان ٽڪرائجندڙ فوجي هيلي ڪاپٽر ۾ 3 اهلڪار سوار هئا، جيڪو تربيتي اڏام تي هو. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هوائي حادثي تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته حادثي کي روڪي سگهجي پيو، هيليڪاپٽر مان جهاز نظر اچڻ جو ٻڌائڻ تي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ اهو ڪنٽرول ٽاور ڇو نه ٻڌايو؟ حادثي جو شڪار جهاز صحيح حالت ۾ ايئرپورٽ طرفان پنهنجي روٽ تي هو، موسم به صاف هئي، جهاز جون لائيٽون به ٻري رهيون هيون، هيليڪاپٽر جهاز طرف سڌو آيو هو هيٺ مٿي يا واپس ڇو نه مڙيو؟