واش روم ۾ سگريٽ نوشي ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ انوکو قدم

واش روم ۾ سگريٽ نوشي ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ انوکو قدم

بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) واش روم ۾ سگريٽ نوشي ڪندڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ انوکو قدم کنيو ويو، هاڻ سگريٽ نوشي ڪندڙ آساني سان پڪڙجي سگهندا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب چين  جي شهر شينزين ۾ هڪ شوئيپي انٽرنيشنل سينيٽر جي واش روم ۾ انوکا دروازا لڳايا ويا آهن جنهن سان سگريٽ نوشي ڪندڙن کي آساني سان روڪي سگهبو. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته انتظاميا پاران واش روم ۾ ويندڙن لاءِ خاص هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون جڏهن ته واش روم ۾ سگريٽ نوشي تي پابندي لڳل، ڀڃڪڙي ڪندڙن لاءِ سزا به مقرر ڪئي وئي آهي، سگريٽ نوشي ڪندڙ واش روم ۾ لڳل انهن انوکن  دروازن ذريعي پڪڙجي سگهندا. ٻئي طرف انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهو قدم پابندي جي بار بار ڀڃڪڙي ڪرڻ بعد کنيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سختيون ڪيون ويون پر ان جي باوجود به ڀڃڪڙي روز جو معمول بڻيل هئي