واعدا وفا ڪريو: بلاول جو وزيراعظم کي ڏوراپو: پارٽي اڳواڻن کي فائنل رابطن جي هدايت

ڊسمبر 21, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم)پ پ پاران شهباز سرڪار کي وعدا وفا نه ڪرڻ جو ڏوراپو: بلاول ڀٽو پاران 4 وڏن وزير ن ۽ گورنرن کي حڪومت سان فائنل رابطن جي هدايت، ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ بلاول هائوس ۾ ٿيل اهم اجلاس ۾ پنجاب ۽ ڪي پي جي گورنرن سليم حيدر ۽ فيصل ڪريم ڪنڊي، سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزير سيد مراد علي شاهه ۽ مير سرفراز بگٽي ۽ پ پ جي سينيئر اڳواڻ شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وفاقي سرڪار سان ٿيل ڳالهين جي روشني ۾ هن وقت تائين ٿيل اڳڀرائپ  بابت آگاهي ڏني، هنن حڪومت پاران ٿيندڙ قانونسازي بابت بريفنگ پڻ ڏني، اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن وفاقي سرڪار طرفان مختلف صوبن کي ڪرايل خاطرين تي اڳڀرائپ نه ٿيڻ  تي عدم اعتماد ظاهر ڪيو، بلاول ڀٽو پاران گورنر ن ۽ وڏن وزيرن کي هدايت ڪئي وئي ته اهي حڪومت سان رابطن ۾ تيزي آڻين ته جيئن 26 ڊسمبر تي ٿيندڙ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي اجلاس ۾ مثبت  نتيجن کي پيش ڪري سگهجي.

Leave A Comment