| والاريل اولهندي ڪناري مان يهودي آبادڪارن تي پابندي جو فيصلو |
روم (م ڊ) اٽلي جي پرڏيهي وزير والاريل اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي آبادڪارن مان شيون گهرائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي اطالوي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني چيو ته روم پنهنجي يورپي ڀائيوارن سان گڏ ٽارگيٽيڊ قدمن تي غور ڪري رهيو آهي. اولهندي ڪناري ۾ شيون ٺيڪ نه آهن؛ انهن کي تبديل ٿيڻ گهرجي ۽ اسان اهو واضح طور تي چيو آهيهن چيو ته آبادڪاري جي پاليسي ختم ٿيڻ گهرجي، جيئن انتها پسند آبادڪارن جي تشدد کي ختم ٿيڻ گهرجي. اٽلي قبضي هيٺ ويسٽ بئنڪ ۾ پيدا ٿيندڙ شين تي پابندين جو مثبت جائزو وٺي رهيو آهي.