| والاريل ڪشمير ۾ ٿاڻي اندر ڌماڪو، 9 ڄڻا مارجي ويا |
سرينگر (م ڊ) والاريل ڪشمير جي پوليس اسٽيشن اندر ڌماڪي ۾ نو ماڻهو مارجي ويا. سرينگر پوليس چيف نلين پرڀات هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 27 پوليس اهلڪارن سميت 32 ماڻهو زخمي ٿيا آهن. فارنسڪ ٽيم تمام احتياط سان نمونا وٺي رهي هئي، جڏهن ڌماڪو ٿيو. فوت ٿيندڙ نو ماڻهن ۾ فارنسڪ ٽيم جا ٽي ميمبر، ٻه روينيو آفيسر ۽ ٻيا ملازم شامل آهن، سڀني زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي انهن جو علاج جاري آهي. هن چيو ته ڌماڪي سان پوليس اسٽيشن جي عمارت کي تمام گهڻو نقصان پهتو ۽ ويجهي عمارتن کي متاثر ٿيو. ڌماڪيدار مادو هريانا جي فريد آباد مان آندو ويو هو.