والدين بدران ڏاڏنگ سان پيار ڪندڙ نينگري

والدين بدران ڏاڏنگ سان پيار ڪندڙ نينگري

بيجنگ (انٽريسٽنگ نيوز) چين جي هڪ ڇوڪري پنهنجي ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ جي قبرن کي ڇڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي 6 مهينن اندر فوت ٿي ويا ۽ ڇوڪري هاڻي قبرن وٽ سمهي ٿي. ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پوسٽ ڪئي وئي جنهن ۾ ڇوڪري کي قبرن جي ويجهو ڏيکاريو ويو. وڊيو ۾ ڇوڪري جي عمر نه ٻڌائي وئي، صرف اهو چيو ويو ته ڇوڪري کي گوئيزو صوبي جي ليوپانشوئي ۾ واقع قبرن جي سامهون ويٺي ڏٺو ويو آهي. وڊيو ۾ ڇوڪري کي ڪجهه وقت لاءِ بيهي ڪيڪ کائيندي ڏسي سگهجي ٿو. جڏهن ڇوڪري جي والدين کيس گهر واپس هلڻ تي زور ڀريو ته هن انڪار ڪيو ۽ قبرن جي ويجهو رهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ اتي سمهڻ جي خواهش ڏيکاري. ڇوڪري  ٻڌايو ته منهنجي پرورش ڏاڏاڻن ڪئي ڇاڪاڻ ته بابا نوڪري ۾ مصروف هو ۽ اما بيمار هئي. ڇوڪري جي پيءُ چن چيو ته ڇوڪري جي ڏاڏي سيپٽمبر 2025 ۾ فوت ٿي وئي جڏهن ته سندس ڏاڏو مارچ ۾ فوت ٿيو. ڇوڪري هميشه اسان کي قبرن تي وٺي وڃڻ لاءِ چوندي آهي ۽ جڏهن اسان هتي اچون ٿا ته هوءَ واپس وڃڻ کان انڪار ڪندي چوي ٿي ته هوءَ انهن جي قبرن تي سمهڻ چاهي ٿي. ڇوڪري جي خواهش ٻڌي، چن ۽ سندس زال روئڻ لڳا.