Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_0dd397f8a4sjik2dt14pl672c5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
والدين ٻارن مان خوف ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ... جاويد شيخ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar والدين ٻارن مان خوف ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن ... جاويد شيخ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

والدين ٻارن مان خوف ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن … جاويد شيخ

ٻارن ۾ ڊپ يا خوف هڪ عام ڳالھه آهي تنهن ڪري هن مسئلي تي لاپرواهي ڪرڻ ۽ والدين جو ان معاملي تي سنجيده نه ٿيڻ انتهائي غلط آهي، ڇاڪاڻ ته حقيقي يا غير حقيقي خوف ٻارن جي شخصيت کي متاثر ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهجي ٿو . ٻارن ۾ ڊپ يا خوف جي نوعيت مختلف هوندي آهي. ڪجھه ٻار اونداهي کان ڊڄن ٿا ڪجهھ ٻار اڪيلا ڪمرن ۾ رهڻ کان ڊڄن ٿا والدين کي گهرجي ته جيڪڏهن ٻار ائين ڊڄن ٿا ته ٻارن کي مجبور نه ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ان طريقي سان انهن جو خوف گهٽجڻ بدران وڌي ويندو. ڪوشش اها هجڻ گهرجي ته ٻار کي وڌ کان وڌ اونداهي کان پري رکڻ گهرجي۔ توهان جي گهر ۾ هڪ خالي ڪمرو موجود آهي ته ٻارن سان گڏ ڏينهن جي مختلف وقتن تي ڪيترائي دفعا اتي وڃي ٻارڙن کي بهادري بابت دلچسپ ڳالهيون ٻڌايو انهن کي پڻ سمجهايو ته ايمرجنسي لائٽ ڪيئن استعمال ڪجي اڪثر والدين ٻارن جي دلين ۾ خوف وجهندا آهن پر اهي خوف پوري زندگي انهن جي دلين ۽ دماغن ۾ رهجي ويندا آهن ڪجهه ٻار انجيڪشن لڳڻ کان ڊنل هوندا آھن ان جو بنيادي سبب والدين ئي آھن جيڪي ٻارن کي ننڍپڻ کان ڊيجاريندا آھن مثال طور جيڪڏهن تون ڳالهه نه مڃيندي ته تو کي انجيڪشن لڳارائيندس يا وري رات جو ننڍڙو ٻار روئنيدو آھي ته والدين ٻار کي چوندا آھن ته سمهي پئو نه ته ٻلي کائي ويندئي ۔ ٻارن کان خوف ختم ڪرايو ۽ ٻارن کي خيالي شڪلين ، جن ڀوت يا خوفزده آوازن کان خوف پڻ ختم ڪرايو.
ٻارن کي خيالي يا اونداهي ڪمرن ۾ بند ڪرڻ جي سزا انهن جي دل ۽ دماغ ۾ خوف پوري زندگي پيدا ٿيڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو . بهتر آهي ته ٻارن کي ڪم ۾ مشغول رکيو وڃي . انهن کي خوفناڪ ڪهاڻيون ٻڌائڻ يا پڙهڻ نه ڏيو ، ڇو ته اهڙيون ڪهاڻيون پڙهڻ سان ٻار پنهنجي دلين ۾ خوف پيدا ڪري وٺندا آهن ۽ اهي ڏٺل خوفناڪ شڪليون پنهنجي ذھنن ۾ ويهاري ڇڏيندا آھن . والدين کي گهرجي ته پنهنجي ٻارن کي مختلف دلچسپ راندين تي ڏيارڻ گهرجي ڪجهه ٻار ڊپ يا خوف جي اداڪاري به ڪندا آھن ۽ ڪجهه ٻار وڌيڪ بهادر ٿيڻ جي ڪوشش ۾ اصل خوف کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن اڪثر ٻار تڙ ڪرڻ ۽ جهولو جهولائڻ تي به خوفزده ٿيندا آهن. ان لاءِ والدين کي گهرجي ته ڊپ يا خوف حقيقي هجي يا غير حقيقي ان جائزو وٺي انهي کي مڪمل ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ضرورت پوڻ تي ڪنهن ماهر سان به رابطو ڪرڻ گهرجي . پنهنجي ٻار جي خوف کي ڪڏهن به نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته مستقبل ۾ اهو خوف ٻار جي شعور کي انتهائي متاثر ڪري سگهي ٿو ۽ هن جي شخصيت تي پڻ ناڪاري اثر وجهي سگهي ٿو.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *