والدين کي اولڊ هائوس ڇڏيندڙ اولاد کي شرم اچڻ کپي: مشي خان 

والدين کي اولڊ هائوس ڇڏيندڙ اولاد کي شرم اچڻ کپي: مشي خان 

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪاره ۽ ميزبان مشي خان پنهنجن پيرسن والدين کي اولڊ هائوسن ۾ ڇڏي ايندڙ ٻارن تي تنقيد جا تير وسايا آهن انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ هن چيو ته پاڪستان  جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ بيشمار بزرگ آهن، منهنجي هي وڊيو انهن ٻارن لاءِ آهي، جيڪي پنهنجن والدين کي اولڊ هائوسن ۾ ڇڏي ويا آهن. هن چيو ته ڪجهه ٻار پنهنجن والدين کي اهو آسرو ڏئي اولڊهائوس ڇڏي ويندا آهن ته اسان ڪجهه ڏينهن يا مهينن ۾ کين واپس وٺي وينداسين، حقيقت ۾ ائين نه ٿيندو آهي، ٻارڙن جو انتظار ڪندڙ بزرگ والدين جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي وينديون آهن. مشي خان چيو ته جيڪي ٻار پنهنجن والدين کي بزرگن جي گهرن ۾ ڇڏي ويندا آهن، انهن کي پنهنجن نيڪ ڪمن جو جشن ملهائڻ گهرجي ڇو ته انهن سان وري مستقبل ۾ اڃا به بدتر ٿيڻ وارو آهي. هن وڌيڪ چيو ته توهان کي والدين کي اولڊ هائوس ڇڏي اچڻ تي شرم اچڻ گهرجي مشي چيو ته والدين ڪيترو وقت جيئرا رهندا آهن؟ انهن ماڻهن توهان کي پنهنجو سڀ ڪجهه ڏنو، توهان وري ايترا بي حس آهيو جو انهن کي پاڻ کان پري ڪري ٿا ڇڏيو.