واهي پانڌي (ن پ ا) واهي پانڌي اسپتال ۾ نرس سان زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ گورک چونڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو.
اڳواڻن نواز رستماڻي، شاھ نواز، عبدالله لغاري، محمد رستماڻي ،مولا بخش لغاري ۽ ٻين چيو ته پوليس اهلڪار رياض جمالي، ماجد رستماڻي، ڪاشف جمالي، لياقت رستماڻي، گل ملوکاڻي نرس خيرالنساءِ کي هراسان ڪيو،
هنن چيو ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود جوابدار گرفتار ناهن ڪيا ويا، نرس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ٻئي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو.