| واهي پانڌي جي لاشاري_برهماڻي ڌرين ۾ خوني تڪرار جو جرڳو: قادر لاشاري ڌر تي 70 لک ڏنڊ |
واهي پانڌي(رپورٽ: عابد لاشاري) واهي پانڌي ۾ لاشاري ۽ برهماڻي برادري جو هلندڙ خوني تڪرار جو پيپلزپارٽي جي ايم اين اي رفيق جمالي جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿي گذريو. سال اڳ واهي پانڌي جي ڳوٺ دودو برهماڻي زمين تان مٽي کڻڻ شروع شروع ٿيل تڪرار جي نتيجي قتل ٿيل نظيران برهماڻي جي خون جو دادو ۾ رفيق جمالي جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو، جرڳي ۾ قادر لاشاري ۽ ملنگ لاشاري جي ڌر مٿان خون ثابت ٿيڻ تي نظيران برهماڻي جي خون جا 60 لک ۽ 10 لک ماستر حسين برهماڻي کي ڏنڊا هڻي شديد زخمي ڪرڻ جو ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. قادر لاشاري ڌر تي ڪُل ستر لک ڏنڊ وڌو ويو آهي، ان کان سواءِ هو ميڙ کڻي برهماڻي برادري تڏو پڻ بخشرائيندو. جهيڙي دوران لاشاري ڌر جي زخمي ٿيل ملنگ لاشاري جا 5 لک ڏنڊ رکيو جيڪوا ذوالفقار برھماڻي ۽ اصغر برهماڻي ڌر ڀريندي. جڏهن تڪراري پلاٽ پڻ برهماڻي برادري حوالي ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ڌرين فيصلو قبول ڪيو ۽ ٻنهي ڌرين ڀاڪر پارائي خير ڪرايو ويو.