| واهي پانڌي ۾ راندين جون سرگرميون، ڪرڪيٽ ۽ والي بال مقابلا |
واهي پانڌي (ن پ ا) گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول واهي پانڌي ۾ اسپورٽس ايڪٽيوٽيز جي شروعات ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن جوش ۽ جذبي سان حصو ورتو. پهرئين ڏينهن شاگردن وچ ۾ ڪرڪيٽ ۽ والي بال جا مقابلا ٿيا، جن کي استادن ۽ شريڪ مهمانن پاران ساراهيو ويو. پھريون مقابلو سنڌ اليون ۽ گورک اليون ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ اليون ميچ کٽيو جنھن ۾ سنڌ اليون جي طرفان بھترين بيٽنگ يامين ڪئي جنهن 50 رنسون ٺاھيون ۽ گورک اليون ۾ بھترين بيٽنگ شازيب سومري ڪئي جنهن 41 رنسون ٺاھيون سنڌ اليون پھرين بيٽنگ ڪندي 8 اوورن ۾ 102 جو ٺارگيٽ ڏنو ۽ گورک اليون 8 اوورن ۾ 90 رنسون ٺاھي سگھيون ٻين ميچ لطيف اليون ۽ مھراڻ اليون جي وچ ۾ کيڏيو ويو جنهن تي مھران اليون 6 اوورن تي 56 جو ٽارگيٽ ڏنو ۽ لطيف اليون 5 اوورن ۾ 56 جو ٽارگيٽ مڪمل ڪيو لطيف اليون ميچ کٽيو جنهن ۾ بھترين بيٽنگ جنيد رستماڻي ڪئي جنهن 22 رنسون ٺاھيون ۽ بھترين بالينگ عبدالروف برھماڻي ڪئي جنهن پھرين اوور ۾ ھيٽرڪ ڪيو مھراڻ اليون ۾ بھترين بيٽنگ عاشق لغاري ڪئي جنهن 24 رنسون ٺاھيون. اڄ وڌيڪ راندين جون سرگرميون جاري رهنديون، جڏهن ته ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل به کيڏيو ويندو، جنهن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ٽيم کي انعام ڏنا ويندا فائنل مقابلي ۾ اسڪول جا استاد، انتظامي نمائندا ۽ علائقي جي معزز شخصيتون شرڪت ڪندا